ڪراچي: ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو 4 ورھين بعد فيصلو اچي ويو

عدالت مک جوابدار رحيم شاھ کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي، ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ سب انسپيڪٽر عامر رياض آزاد

ڪراچي: ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو 4 ورھين بعد فيصلو اچي ويو

ڪراچي: دھشتگردي ٽوڙ عدالت ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو فيصلو چئن سالن کانپوء ٻڌائي ڇڏيو
مک جوابدار رحيم شاھ کي 6 سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي
عدالت ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ٻين جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ڪيس جو مرڪزي جوابدار رحيم شاھ عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آھي
ڪيس ۾ ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آھن
ارشاد رانجھاڻي جو قتل ڪيس شاھ لطيف ٿاڻي تي 6 فيبروري 2019 تي داخل ڪيو ويو ھو، ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم شامل آھن
دھشتگردي ٽوڙ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد 26 آگسٽ 2023 تي فيصلو محفوظ ڪيو ھو
پوليس موجب جوابدار فيبروري 2019ع ۾ شاهه لطيف ٽائون ۾ فائرنگ ڪري ارشاد رانجھاڻي کي قتل ڪيو هو،
وڪيل محمد خان شيخ جو چوڻ ھو تھ اڄ تاريخي فتح ٿي آھي، عدالت مک جوابدار کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي،
اسان ارشاد رانجهاڻي ڪيس سان پنهنجي ڪمٽمينٽ تي پورا لٿا سين،
ارشاد جي وارثن پڻ تڪليفون برداشت ڪيون مگر سوديبازي نه ڪئي،
عدالت ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ سب انسپيڪٽر عامر رياض کي آزاد ڪري ڇڏيو
عدالت موجب جوابدار جيڪڏھن ٻئي ڪيس ۾ ملوث ناھن تہ کين فوري طور آزاد ڪيو وڃي