ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سان غلط بياني ڪئي وئي آھي ڪارونجهر جو سڄو ايريا ورثي ۾ شامل ناهي: عمر سومرو

ڪارونجهر جو سڄو ايريا ورثي ۾ شامل ناهي، عدالت کان تصديق ڪرائينداسين تھ ڪھڙا جبل ۽ ٽيمبل آثارن ۾ آھن

ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سان غلط بياني ڪئي وئي آھي ڪارونجهر جو سڄو ايريا ورثي ۾ شامل ناهي: عمر سومرو

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ صوبائي وزير قانون عمر سومرو جو ڊسٽرڪٽ بار جي آجياڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو تھ ڪارونجهر جو سڀ حصو ورثو ناهي ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سان غلط بياني ڪئي وئي مائينز ۽ منرل جي وزير جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فتويٰ تي اعتراض ناهي ڪارونجهر جي حصي ۾ جيڪي مندر مسجد ۽ مقبرا آهن سنڌ حڪومت انهن جي حفاظت ڪندي ڪارونجهر جو سڄو ايريا ورثي ۾ شامل ناهي اگر ان ڳالهه تي بيهنداسي ته پوءِ ملڪ يا دنيا ۾ ڪٿي به مائيننگ يا گئس جا ذخيرا دريافت نه ٿيندا ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ کان تصدیق ڪرائينداسين تي ڪهڙا جبل ۽ ٽيمپل آثارن ۾ آهن باقي ٻيو وسيع علائقو آهي جيڪي آثار ناهن قانون سڀني لاءِ برابر آهي نواز شريف کي حفاظتي ضمانت ملي جيڪا وڏي ڳالهه ناهي ان جو ڪيس سزا ڪاٽيندڙ ليڊرن کان مختلف آهي نواز شريف کي اقامه ڪيس مان سزا ٿي ان جو موقف آهي ته غيرحاضري تي سزا ملي هاڻي عدالت کي منهن ڏيڻ ٿو چاهيان امن امان جي صورتحال ڪجهه بهتر ٿيو وڏو وزير مطمئن ناهي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي محنت لاءِ چيو ويو نه ته ڪاروائي ٿيندي غيرقانوني افغاني ۽ ڌارين خلاف ايڪشن ٿيندو جيڪي ڪيمپن کان ٻاهر آهن انهن کان پڇاڻو ڪيو ويندو ته اهي پلازا ۽ هوٽل ڪيئن ٿا هلائن افغاني خلاف ڪارروائي قانون تحت ڪيو ويندو ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪري بارڊر تي موڪليو ويندو افغانين کي ٻڪرين جي ڌڻن وانگي گاڏين تي ڀري نه موڪليندا سي موڪلڻ ۾ وقت لڳندو