سجاول(گلشيرميربحر)دڙو ٿاڻي تي داخل قتل ڪيس ۾ 5 ڏوهارين کي عمر قيد جي سزا. موثر تفتيش ۽ قانوني پيروي ڪامياب. سيشن جج سجاول جي عدالت دڙي ٿاڻي ٿاڻي تي داخل قتل جي ڪيس ۾ 5 ڏوهارين کي جرم ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هرهڪ تي 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. تفصيل موجب. سال 2023 ۾ اسلم ولد آچار جاداڻي جي قتل جو ڪيس مقتول جي ڀاء حاجي ولد آچار جاداڻي جي مدعيت ۾ ڏوھ نمبر 27/2023 تحت دفعات 302. 324 ۽ 34 تعزيرات پاڪستان جي تحت داخل ڪيو ویو هو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوء ضلع سجاول پوليس واقعي جي تفتيش کي سنجيدگي ۽ غير جانبداري جي بنياد تي اڳيان وڌايو تفتيش دوران شاهدن جي شاهدي . بيانن ۽ ٻين تقاضن کي مڪمل ڪندي مضبوط چالان پيش ڪيا ويا. معزز عدالت ڪيس ۾ پيش ڪيل شاهدن ۽ استغاثہ جي دليلن جي روشني ۾ نامزد جوابدارن ممتاز علي جاداڻي. اشرف جاداڻي. الهبخش جاداڻي اسلم ولد عثمان جاداڻي. ۽ عبدالرزاق جاداني کي عمر قيد ٻڌائيندي هر جوابدار تي 3 لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي. ڪيس جي تفتيش سب انسپيڪٽر بشير احمد چانڊيو ڪئي جڏهن ته عدالت ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر (adpp)منورعلي دايو ڪيس کي ڪاميابي سان پيش ڪيو. ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر چيو ته فيصلو تفتيشي آفيسر جي محنت ۽ پڪن شاهدن جي ڪري مظبوط ۽ موثر قانوني پيروي جو نتيجو آهي. هن ان عزم جو ارداو ڪيو تہ قتل سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين خلاف بنا ڪنھن فرق جي ڪارروائي جاري رکي ويندي ۽ عوام کي قانون مطابق انصاف فراهم ڪيو ويندو
0 تبصرے