ڪراچي ۾ تين تلوار وٽ ارشاد رانجھاڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڌرڻو

عوامي راڄ تحريڪ پاران ارشاد رانجھاڻي ڪيس جو عدالتي فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ۾ تين تلوار وٽ ارشاد رانجھاڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) عوامي راڄ تحريڪ ارشاد رانجھاڻي ڪيس جي عدالتي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ ۽ مشاورت بعد ڪراچي جر شاهراه تي فيصل تي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽي تلوار تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي خليل شاھ چيو ته اسين ارشاد رانجھاڻي ڪيس کي جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين، عوامي هن چيو ته رانجھاڻي قتل ڪيس جي فيصلي عدالتي نظام جي ڪمزورين کي ظاهر ڪيو آهي، اي ٽي سي جو فيصلو انتهائي ڪمزور آهي، جنهن مان نه رڳو وارثن پر قانون ۽ آئين جي بالادستي تي يقين رکندڙ هر ماڻهو کي مايوسي ٿي آهي، شهيد ارشاد رانجهاڻي ڀاءُ منور رانجھاڻي چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان وٺي قانون آئين ۽ عدالتي نظام تي اعتماد ڪري ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس قانوني چارہ گوئي ڪئي ۽ عدالتي ناانصافي خلاف هاڻ به اعلي عدالت جو در کڙڪائينداسين، مشتاق سرڪي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اي ٽي سي جي فيصلي مايوس ڪيو آهي پر اسان شروع ڏينهن کان عوام جدوجهد ڪري هن ڪيس جي ايف آئي آر داخل ڪرائي هاڻ به وارثن سان گڏجي جدوجهد ڪنداسين، ڌرڻي ۾ ميان الياس عباسي، سارنگ پيرزادو، سراج چانڊيو، اياز رانجهاڻي، رزاق عاصي، سنڌ سجاڳي فورم اڳواڻ زمان شاھ، زاهد کوسو ۽ ٻين به شرڪت ڪئي