فنڪارن جي تنظيم سفوا پاران يونس سنائي جي مالي سھائتا تي ڏک جو اظھار

عظيم فنڪار يونس سنائي کي 50 ھزار امداد ڏئي سندس مذاق اڏايو ويو آھي: لالا رفيق زئور/منظور آڪاش

فنڪارن جي تنظيم سفوا پاران يونس سنائي جي مالي سھائتا تي ڏک جو اظھار

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن سفوا سنڌ، سنڌ جي ليجنڊ فنڪار استاد يونس سنائي جي بيماري جي حوالي سان ثقافت کاتي سنڌ جي بي حسي ۽ لاپرواهي تي سخت غم ۽ غصي جو اظھار ڪيو آھي. ههڙي مهانگائي جي دور ۾ 50000 هزار جو لولي پاپ ڏئي سنڌ جي عظيم فنڪار جي عزت ۽ عظمت جو مذاق اڏائڻ کي سنڌ جي فن ۽ ثقافت جو مذاق اڏائڻ قرار ڏنو آھي. سفوا سنڌ جي مرڪزي چيئرمين لالا رفيق احمد زئونر ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور آڪاش سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته استاد يونس سنائي ساري زندگي فن جي بي لوث خدمت ڪئي آھي اڄ هو بيماري جي بستري تي آھي ته سندس سار لهڻ بدران سندس غربت ۽ عزت جو مذاق اڏايو پيو وڃي. افسوس ته انهن دوستن جي سوچ تي به ٿئي ٿو جيڪي ان معمولي چيڪ کي فيس بوڪ تي رکي فلاڻي خان ٽيري خان مَٽيري خان جي واڪاڻ ڪري رهيا آھن . انهن کان سنڌي فنڪارن سان ٿيندڙ هي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ وسريو ٿو وڃي انهن کان اهو به وسريو ٿو وڃي ته عمر شريف جهڙن غير سنڌي فنڪارن لئه هنن وٽ ڪروڙين روپيا آھن باقي سنڌي فنڪارن لئه اهي ٻه ٽي روپيا , ڀلا جيڪڏھن ڪلچر ڊپارٽمنٽ ڪجھ به ڏئي ٿو ته اهو سندس فرض آھي سنڌي فنڪارن تي ڪو ٿڌو ٿورو ڪونهي.نام نهاد تنظيمن جا نمائنده ۽ ثقافتکاتي جا ڪمائو پُٽ وري انهن چيڪن تي پاڻ چمڪائڻ ۽ وڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن ان عمل تي انهن کي ٻُڏي مرڻ کپي.سفوا سنڌ جي مرڪزي سرواڻن وڌيڪ چيو ته اسانکي اسانجي ادارن جي ان ٻه اکيائي تي به افسوس ٿو ٿئي ته جيڪي فنڪار دشمن فنڪار تنظيمن جي اڳواڻي جي آڙ ۾ ڪوڙا بل ۽ ووچر ٺاهي يا چمچا گيري ڪري سنڌ جي ثقافت کاتي کي سالن کان ٻنهي هٿن سان ڦُري لُٽي رهيا آھن انهن سان ته ثقافت کاتي جا ڪامورا هٿ ۾ ھٿ ملايو خوش لڳا ويٺا آھن جڏھن ته سنڌ جي فنڪارن جي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان بي لوث خدمت ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن جي هو هڪ به نه ٿا ٻُڌن . ٿورو وقت اڳ سنڌ جي ڀلوڙ آرٽسٽ منور نوناري جي بيماري بابت اسان آواز اٿاريو پر ثقافت کاتي جي ڪَن تي ڪا جُونءَ ئي ڪانه چُري .اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت بيوس ۽ غريب فنڪارن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين . اسين ڪڏھن به پنهنجن ڪلاڪارن کي ڪنهن به ڏُکيئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين . اسين سڀاڻي آچر تي استاد يونس سنائي جي عيادت لئه وينداسين ۽ پنهنجي هڙان وڙان سندس ڀرپور مدد ڪنداسين .ثقافت کاتي کي پنهنجو قبلو درست ڪري بنا ڪنهن ياري باشي ۽ سفارش جي ساري سنڌ کي هڪ نظر سان ڏسڻ کپي