نوشھروفيروز ۾ ڊي سي جي ھدايتن تي وڌيڪ ڪرايو اوڳاڙيندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي

پئٽرول سستو ٿيڻ باوجود ڪرايو نھ گھٽائيندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون: ضمير حسين بروھي

نوشھروفيروز ۾ ڊي سي جي ھدايتن تي وڌيڪ ڪرايو اوڳاڙيندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي

نوشھروفیروز (د ر) سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي هدايتن تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ گھٽتائي ڪريڻ لاءِ سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ضمير حسين بروھي جون ڪاروايون. ان موقعي تي سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ٻڌايو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران محرابپور، ڀريا ڪنڊيارو ۽ نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مسافرن کي 17 هزار رپيا اضافي ڀاڙو واپس ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گذريل ٽن ڏينهن دوران مختلف ڀڃڪڙيون ڪندڙ ٽرانسپورٽرن کان 8000 رپيا ڏنڊ به وصول ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ضلعي جي ٻين شهرن ۾ ٽريفڪ چيڪنگ دوران اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڏنڊ به وڌو ويندو.