شڪارپور ۾ نگران وزير عمر سومرو پاران ڪرڪيٽ ۽ ھاڪي گرائونڊن جو دورو

نگران صوبائي وزير عمر سومرو پاران گرائونڊن جي حالت ۽ سھولتن جي حوالي سان ڄاڻ ورتي

شڪارپور ۾ نگران وزير عمر سومرو پاران ڪرڪيٽ ۽ ھاڪي گرائونڊن جو دورو

شڪارپور (احسان ابڙو) قانون واري نگران وزير عمر سومرو پاران شڪارپور جو دورو ڪيو ويو جتي صوبائي وزير طرفان ھاڪي گرائونڊ ۽ ڪرڪيٽ گرائونڊ جو پڻ دورو ڪيو ۽ جائزو ورتو حڪومت سنڌ شڪارپور جي نوجوانن لاء سھولتون فراھم ڪيون آھن نوجوان فائدو وٺن . ھاڪي گرائونڊ ۽ سول اسپتال سميت سرڪاري ادارن تان سياسي بينر ء نالا ھٽائڻ گھرجن . قانون جو نگران وزير عمر سومرو تفصيل موجب : قانون جو نگران صوبائي وزير بئريسٽر عمر سومرو پاران شڪارپور جو دورو ڪيو ويو جتي هن شاھي باغ ڀرسان ھاڪي اسٽيڊيم ۽ ڪرڪيٽ گرائونڊ جو دورو ڪيو . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ، ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفي ڪورائي پڻ گڏ ھيا . نگران وزير ڪرڪيٽ گرائونڊ شڪارپور جي حالت ڏسي ڊپٽي ڪمشنر کي ھدايت ڪئي ته ان جي مرمت لاء پي سي بي کي لکيو وڃي . ان موقعي تي ھاڪي گرائونڊ جي دوري دوران بئريسٽر عمر سومرو چيو ته ھاڪي اسٽيڊيم تما سٺو ٺھيل آھي ان سان گڏ يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر به تعمير ٿي رھيو آھي ۽ نوجوان ھنن گرائونڊن تي کيڏن ملڪ جو نالو روشن ڪن ھن چيو ته ھاڪي اسٽيڊيم ۽ سول اسپتال سميت سرڪاري ادارن تي سياسي بينر ۽ نالا نه ھئڻ گھرجن . ان موقعي تي ايس ايس پي کي ھدايت ڏني وئي ته ڌاڙيلن وٽ مغوي پوليس اھلڪار ء عام ماڻھو جلد بازياب ڪرايا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ رينجرس سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وڃي .