جهرڪ پوليس جا ڇاپا، قتل جي ٻن مختلف ڪيسن ۾ گهربل 2 جوابدار گرفتار

ايس ايڇ او امير بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم جهرڪ ويجهو ڪارروائي ڪئي

جهرڪ پوليس جا ڇاپا، قتل جي ٻن مختلف ڪيسن ۾ گهربل 2 جوابدار گرفتار

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) جهرڪ پوليس جا ڇاپا، قتل جي ٻن مختلف ڪيسن ۾ گهربل 2 جوابدار گرفتار، هٿيار پڻ برآمد، تفصيل موجب جهرڪ ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر امير بخش کوسو پوليس ٽيم سان گڏ جهرڪ ويجهو ڇاپا هڻي 22 سال اڳ ٿيل قتل جي ڪيس ۾ مسلسل روپوش رهندڙ بدنام ڏوهاري جوابدار عاشق علي عرف حاڪي کوسو کي رپيٽر سميت گرفتار ڪري ورتو اھي، گرفتار جوابدار 22 سال اڳ پنهنجي مائٽ ٽوهر کوسو کي بيدردي سان قتل ڪري سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري مختلف ضلعن ۾ روپوش رهي ڏوهي سرگرميون ڪندو هو، ٻئي طرف SHO جھرڪ اميربخش کوسو جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڇاپي ۾ 3 سال اڳ زمين جي تڪرار تان انور مگسي کي قتل ڪندڙ اشتهاري ڏوهاري ضمير حسين کوسو کي پڻ گرفتار ڪري وٽانئس ڪلاشنڪوف ۽ گوليون برآمد ڪري ورتيون آھن، ھوڏانھن ايس ايڇ او جهرڪ امير بخش کوسو پوليس ٽيم سان گڏ هڪ اشتهاري ملزم منظور چانڊيو کي عمر ڪوٽ مان گرفتار ڪري جھرڪ ٿاڻي تي پھچائي مٿس پڻ قانوني ڪاروائي ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي، صحافين سان ڳالھائيندي SHO جھرڪ انسپيڪٽر امير بخش کوسو چيو تہ ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي جي هدايتن تي بدنام ۽ روپوش ڏوهاري خلاف مهم تيزي سان جاري اھي، ان جي ھدايتن تي ڪامياب ڇاپا هڻي سنگين قتل جي ڪيسن ۾ گهربل ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري وٽائن هٿيار برآمد ڪيا ويا آھن، جن پوليس وٽ ابتدائي جاچ دوران ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آھي، جن خلاف وڌيڪ ڪيس پڻ داخل ڪري سندن ڪرمنل رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو اھي، ھن چيو تہ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن کي ڪنھن بہ صورت ۾ بخش نہ ڪيو ويندو، ڏوھاري ڪيترا بہ بااثر ڇونہ ھجن قانون کان ڪڏھن بہ بچي ڪونہ سگھندا.