جھرڪ ويجھو ڳوٺ عظيم چانگ واسي نوجوان ٻن مھينن کان پراسرار نموني گم

پٽ عبدالجبار چانگ 2مھينا اڳ گھران ٺٽي ويندي موٽرسائيڪل سميت گم ٿي ويو: علي مراد چانگ

جھرڪ ويجھو ڳوٺ عظيم چانگ واسي نوجوان ٻن مھينن کان پراسرار نموني گم

ٺٽو(ڊر) جھرڪ لڳ سانپا موري ڀرسان ڳوٺ عظيم چانگ جي رھواسي پيرسن علي مراد چانگ جو گم ٿي ويل نوجوان پٽ عبدالجبار چانگ 2 مھينا گذرڻ باوجود ھٿ اچي ناھي سگھيو، جنھن ڪري سندس وارث کيس ڳولي ڳولي ٿڪجي پوڻ ڪري سخت پريشاني ۾ ورتل آھن، ان سلسلي ۾ جھرڪ لڳ سانپا موري جي ڳوٺ عظيم چانگ جي رھواسي پيرسن علي مراد چانگ ٺٽي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو اھي تہ سندس نوجوان پٽ عبدالجبار چانگ 2 مھينا اڳ 11 آگسٽ 2023 تي گھران ٺٽي ويندي موٽر سائيڪل سميت گم ٿي ويو ھو، جيڪو گھڻي ڳولا باوجود اڃان تائين ھٿ اچي ناھي سگھيو، پيرسن علي مراد چانگ انڪشاف ڪندي چيو تہ سندس پٽ جو ھاڻي کيس ڏس پتو ساڏورو لڳ ڳوٺ بھرام برفت ويجھو ڌنارن وسيلي مليو آھي، جنھن ڏسيل واٽ تي بہ ھنن پھچي سندس ڳولا جاري ڪئي اھي، پر سندس پٽ کيس ھٿ اچي ناھي سگھيو، جنھن جي گمشدگي جي رپورٽ جھرڪ ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي، پر حد جي پوليس بہ سندس پٽ جي ڳولا ۾ سندن ڪابہ مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھن ڪوھستان واسين سميت حد جي پوليس کي سندس گم ٿي ويل پٽ عبدالجبار چانگ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪندي چيو تہ سندس گم ٿي ويل پٽ عبدالجبار چانگ ڪنھن کي بہ ملي تہ ڪنھن ويجھي ٿاڻي تي اطلاع ڏي يا سندس ھن فون نمبر تي کيس ٻڌائي.