English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاھي لڳ ڪوھستاني زمينن سان گڏ سرڪاري ٽوئرازم جي بنگلي تي قبضو، ڊي سي پاران نوٽيس
views
|
01st Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڳرين مشينن ذريعي وڏا بند لڳائي مقامي رھواسين جا رستا توڙي پاڻي جا لنگھ بند ڪيا ويا
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) جنگشاھي لڳ ھاليجي ڍنڍ ڀرسان لينڊ گريبرن پاران ڪوھستاني زمينن سان گڏ سرڪاري ٽوئرازم جي بنگلي تي قبضو ڪري اڏاوتن سميت ڳرين مشينن ذريعي وڏا بند لڳائي مقامي رھواسين جا رستا توڙي پاڻي جا لنگھ بند تي انھن تي قبضو ڪرڻ سان گڏ قديمي درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني جي چوديواري ڊاھي پٽ ڪري درگاھ جي واش رومن توڙي برساتي نالن جا لنگھ بند ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا تي ھلڻ توڙي مقامي رھواسين پاران ڪيل احتجاجن جو نوٽيس ڊي سي ٺٽو پاران وٺڻ بعد روينيو کاتي جا عملدار حرڪت ۾ اچي ويا،
مختيار ڪار ٺٽو پاران اي سي ٺٽو وقاص ملوڪ خٽڪ پڻ قبضي ڪيل زمينن توڙي بند ڪيل برساتي نالن توڙي درگاھ امير شاھ جيلاني جي چوديواري کي پھتل نقصان جو جائزو وٺڻ لاء سرزمين تي پھچي ويو،
جتي مقامي ڳوٺاڻن حاجي ميرحسن جوکيو ۽ ٻين اي سي ٺٽو کي بااثر ڪمپني انتظاميہ ۽ لينڊ گريبرن پاران ڪيل قبضي توڙي پھتل نقصان جي باري ۾ ڄاڻ ڏني،
ان موقعي تي اي سي ٺٽو وقاص ملوڪ خٽڪ متاثر ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائي تہ سرڪاري زمينن توڙي سرڪاري بنگلن ۽ ملڪيتن تي ڪنھن کي بہ قبضو ڪرڻ نہ ڏينداسين،
ھن چيو تہ ٿيل قبضو توڙي بند ٿيل برساتي پاڻي جا رستا بحال ڪرائي درگاھ جي چوديواري کي پھتل نقصان جو پڻ ازالو ڪرائي قبضاگيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائي ويندي،
AC ٺٽو وقاص ملوڪ خٽڪ اي وائي ڪمپني جي انتظاميہ کي ڇنڊ پٽيندي سختي سان ھدايت ڪئي تہ ھو قبضي ڪيل سموري زمين جا ڪاغذ ڪارڊ سندس آفيس ۾ کڻي اچڻ، رڪارڊ ڏسڻ بعد ئي ڪو فيصلو ڪيو ويندو.
ھن ڪمپني انتظاميہ کي اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ ھو فورن بند ٿيل رستا بحال ڪري مقامي رھواسين کي پريشان ڪرڻ بند ڪن،
جيڪڏھن ان دڳران ڪنھن بہ مقامي رھواسي کي ڪو نقصان ٿيو تہ ان جي زميواري ڪمپني انتظاميہ تي ھوندي. اي سي ٺٽو پاران ٿيل اھڙين ڪاروائين بعد لينڊ گريبر سخت پريشان ٿي بوکلائپ جو شڪار بڻجي پاڻ بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
راجا رنجيت سنگهہ ۽ طوائف موران جي ڪهاڻي
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مطالبن ۽ مالي وسيلن وچ ۾ توازن جي ڳولا
03rd Jul 2025
•
سندھ
وفاقی محتسب نے ای او بی آ ئی سے نان رجسٹرڈ کمپنیوں کی تفصیلا ت ما نگ لیں
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سماجي ۽ سياسي شخصيت شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي 7 جولاءِ تي ملهائي ويندي
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو ڏاهو ناميارو سگهڙ منظور سومرو دل جي تڪليف سبب بستري ڀيڙو
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ ڪچرو کڻندڙ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙو فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
جنگشاھي
ھاليجي ڍنڍ
ڪوھستاني
قبضو
ڊي سي
0 تبصرے