دھشتگردن جي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فل فور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو
ڪشمور ۾ مستونگ واقعي خلاف ڪشمور ۾ سني تحريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قادري مسجد کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، حافظ محمد حنيف مزاري، خالد حسين سڪندري ۽ ٻين پاران مستونگ ۾ 12 ربيع الاول جي نڪتل ريلي تي دھشتگردن جي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فل فور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو سني تحريڪ ڪشمور جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت سدائين اھلسنت جماعت جي مذھبي تقريبن پروگرامن ۽ ريلين کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي سدائين مذهبي ڏھاڙن تي اھلسنت ۽ ٻين تنظيمن مٿان دھشتگرد حملا ڪري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر انهن کي ڄاڻ ناهي ته عاشقان رسول ﷺ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جو محبتي دھشتگردن جي گولين ۽ ڌماڪن کان ڊڄڻ وارا ناهن مٺي محمد مصطفيٰ ﷺ جي پيروي تي ھلندڙ امتين جا حوصلا بلند آهن موجوده وقت جي نگران حڪمرانن کان مطالبو ڪيون ٿا ته مستونگ حملي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي سھولتڪارن کي ڪيفرڪردار تائين پھچايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،
1 تبصرے
احمد نواز