نوشهروفيروز ۾ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس

اجلاس ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ٿيو، ايس ايس پي عابد علي بلوچ ۽ ٻيا شريڪ

نوشهروفيروز ۾ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس

نوشهروفيروز (ڊ ر ) بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي عابد علي بلوچ، ايڪسئين سيپڪو اعجاز احمد ڊيٿو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محمد موسيٰ گوندل، ڊي ايس پي پوليس نوشھروفيروز شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ايڪسئين سيپڪو کي ٻڌايو ته مقامي عدالت فيصلو ڪيو آهي ته بجلي چوري ڪندڙ ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار گريڊ 17 يا ان کان مٿي جي آفيسر کي آهي ان تي عمل ڪيو وڃي هن چيو ته جن ماڻهن جون بقايا ۽ بل غلط آهن انهن جا بقايا ۽ بل درست ڪري ڏنا وڃن ته جيئن اهي پنهنجا بقاياجات ادا ڪري سگهن، هن چيو ته بجلي جي چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته بجلي چوري روڪڻ جو بنيادي ڪم سيپڪو جو آهي، انتظاميا ۽ پوليس توهان جي مدد ڪري رهي آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي عابد علي بلوچ چيو ته پوليس سيپڪو جي مدد ڪري رهي آهي.