وارهه: وحشيت جو شڪار ٿيڻ بعد زخمن جا سور نه سهندي دم ڏيندڙ نياڻي نازيه چنو جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ قتل جا قلم به شامل ڪيا ويندا: ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ

وارهه: وحشيت جو شڪار ٿيڻ بعد زخمن جا سور نه سهندي دم ڏيندڙ نياڻي نازيه چنو جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

وارهه ۾ اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻجندڙ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏيندڙ ناري نازيه چنو جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، سندس مڙھ رات دير سان سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ آصف رضا بلوچ جو چوڻ آهي ته نازيه چنو جي اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ 302 قتل جا قلم به شامل ڪيا ويندا، جاچ آفيسر راحيلا گوپانگ تي خدشا سامهون اچڻ بعد مان پاڻ ان ڪيس کيس ڏسندس