ڊي سي ٺٽو جي ھدايت تي ضلعي ۾ مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ صفائي ۽ اسپري مھم جاري

ڪچري ۽ گند کي مخصوص ڊمپنگ پوائنٽس تي ٺڪاڻي لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي: ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو

ڊي سي ٺٽو جي ھدايت تي ضلعي ۾ مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ صفائي ۽ اسپري مھم جاري

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي ھدايت تي پوري ضلعي ۾ مختلف شهرن ۽ علائقن م صفائي سٿرائي ۽ مڇر مار اسپري جي مھم تيزي سان جاري -ٺٽو : ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي ھدايت تي ضلعي جي سمورن تعلقن ٺٽو ، ميرپور ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي مختلف شهرن ، علائقن روڊن ۽ رستن تا اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم تيزي سان جاري آهي - ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي سمورن ٽائون آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪئي آهي ته ڪچري ۽ گند کي مخصوص ڊمپنگ پوائنٽس تي ٺڪاڻي لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي - ان کان علاوه ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان ۽ چيئرمين ضلع ڪائونسل عبدالحميد پنھور جي خصوصي ھدايت تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر جي نگراني م ضلعي جي مختلف علائقن ۾ مليريا ، ڊينگي کان بچاءَ لاءِ مڇرن جي افزائش جي روڪٿام جي سلسلي ۾ لاروا سائيٽنگ جي سرگرمين ۽ مڇرن مار اسپري جي مھم جاري آهي جڏهن ته مستحق ماڻهن ۾ مڇر دانيون پڻ تقسيم ڪيون پيون وڃن ته جيئن مليريا ۽ ڊينگي جھڙي بيمارين کان ماڻهن کي بچائي صحتمند ماحول فراهم ڪري سگهجي - ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان چيو آهي ته ھلندڙ مھم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ ڪوتاهي ڪندڙن عملدارن ۽ عملي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي –