اڄ اسان جي فتح ٿي آهي، ڪيس شيڊول تحت هلائڻ لاء عدالت 4 ٻڌڻين جو شيڊول ڏنو آهي: ام رباب چانڊيو

دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي

اڄ اسان جي فتح ٿي آهي، ڪيس شيڊول تحت هلائڻ لاء عدالت 4 ٻڌڻين جو شيڊول ڏنو آهي: ام رباب چانڊيو

دادو (رپورٽر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد اعجاز چانڊيو کان جوابدار ڌر جي وڪيلن پاران مسلسل 4 ڪلاڪن تائين ڪراس ڪئسچنگ ڪئي وئي ، فريادي جي درخواست تي عدالت جوابدار ڌر جي وڪيلن کان راء وٺڻ بعد 4 ٻڌڻين جو شيڊيول فريم ڪيو ويو جنهن تي عدالت ۾ حاضر لاء کائن فارم تي صحيحون پڻ ورتيون ويون، شيڊول تحت ايندڙ ٻڌڻي 6/7 ۽ 13/14 ، آڪٽومبر تي مقرر ڪئي وئي آهي ، جنهن ۾ شاهدن جي جرح مڪمل ڪئي ويندي، ڪيس جي ٻڌڻي بعد ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ اسان جي فتح ٿي آهي ، ڪيس شيڊول تحت هلائڻ لاء عدالت 4 ٻڌڻين جو شيڊول ڏنو آهي ۽ جوابدارن جي وڪيلن کي فارم تي صحيحون پڻ ورتيون ويون آهن سنڌ جي عوام سردارن ، ڀوتارن ، نام نهاد نواب کي رد ڪري چڪي آهي، مان انهن کان پڇڻ ٿي چاهيان ته توهان جي سرداري ، نوابي ڪٿي آهي جنهن خاطر توهان ماڻهن جا گهر اجاڙيو ٿا اڄ اها عوام پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي چڪي آ ، جنهن جو مثال 8/ 8 ڪلاڪ هنن جي ڪورٽ ۾ موجود رهڻ آهي ، اها قانون جي فتح آهي