نوشهروفيروز جي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالخالق ڀنگوار جي مان ۾ الوداعي پارٽي منعقد

آءُ جيترو به وقت رهيو آهيان پنهنجي آفيس جا دروازا هر ماڻهوء لاء کليل رکيا آھن: عبدالخالق ڀنگوار

نوشهروفيروز جي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالخالق ڀنگوار جي مان ۾ الوداعي پارٽي منعقد

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز جي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالخالق ڀنگوار جي مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني وئي مختيارڪار نوشهروفيروز عبدالعزيز جوڻيجو , تپيدارن آفيس عملي وڏي انگ ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ تقريب ۾ اي سي کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ سان نوازيو ويو جڏهن ته کيس مٿان گلن جي ورکا پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي مختيارڪار نوشهروفيروز عبدالعزيز جوڻيجو الوداعي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عبدالخالق ڀنگوار هڪ بهترين آفيسر هجڻ سان گڏ غريب بي پهج ماڻهن جو همدرد ۽ مددگار رهيو جنهن پنجن مهينن دوران عوامي خدمت بنا ڪنهن فرق جي ڪئي جنهن جي خدمتن کي ڏسندي کيس هتان بدلي ٿيڻ تي کيس مان ڏيڻ لاء دل چيو ايندڙ جو آڌر ڀاءُ ۽ ويندڙ کي محبتن سان موڪلاڻي ڪرڻ اسان جي ثقافت جو حصو آهي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالخالق ڀنگوار چيو ته آءُ جيترو به وقت رهيو آهيان پنهنجي آفيس جا دروازا هر ماڻهوء لاء کليل رکيم ڪم ڪي ٿيندا آهن ڪي به به ٿيندا آهن پر هر ماڻهو جيڪو پنهنجو مسئلو کڻي اچي ٿو ان کي ٻڌڻ گهرجي ته جيئن سندس بار هلڪو ٿئي ڪم جائز هر ڪنهن جو ٿيڻ گهرجي باقي ناجائز ڪم لاء ڪري پئسو ڪمائڻ وارا اڄ نه ته سڀاڻي پريشانيء کي منهن ضرور ڏيندا خاص ڪري بي يارو مددگار ماڻهوء جي بنا لالچ جي مدد ڪيو جنهن سان سڪون ملي ٿو ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيارڪار قادر داد مري مختلف ديهن جي تپيدارن عبدالمجيد ڳوراهو , جميل راجپوت , سهراب خان مري , حسين اسراڻ , ممتاز ميمڻ , وحيد علي لنڊ , بابر لاشاري , غلام عباس پلھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو