English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ آل گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئشن لاڙڪاڻہ ڊويزن جي گڏجاڻي
views
|
19th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي جي صدارت راجا خان عمراڻي ڪئي، درک خان عرف ڏاڏو بگٽي، غلام رسول بروھي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا
شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور ۾ آل گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئشن لاڙڪاڻہ ڊويزن جي گڏجاڻي شڪارپور ۾ ڊويزنل صدر راجا خان عمراڻي جي صدارت ۾ ٿي گذري
جتي لاڙڪاڻہ ڊويزن جي عھديدارن سميت نصيرآباد ڊويزن جي صدر درک خان عرف ڏاڏو بگٽي,غلام رسول بروھي,غلام اڪبر بروھي سميت ٻين ضلعن جي عھديدارن علي مردان سيال شڪارپور جي صدر ميان اظھر سنجراڻي,غلام اڪبر جوکيو,سڄڻ سنجراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي
ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن راجا عمراڻي,غلام اڪبر بروھي ۽ ٻين جو چوڻ ھو تہ اسان ٽرانسپورٽن سان سرڪار ٽڪي جو بہ تعاون نہ ٿي ڪري ھنن چيو تہ اسان ٽرانسپورٽر ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ فرد آھيون
ان باوجود بہ اسان سان ناجائزيون ڪيون وڃن ٿيون موٽروي پوليس بہ ھر ڏھ ڪلو ميٽر تي اسان جي گاڏين کي ناحق چالان ڪري ڏنڊ وصول ڪري ٿي جيڪا سراسر ناانصافي آھي,ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ ڪشمور کان ڪراچي تائين غيرقانوني ڪانٽا کوليا ويا آھن جيڪي ٽرانسپورٽن کي تنگ ڪن ٿا ۽ ڏنڊي جي زور تي ڀتول وصول ڪندا آھن ھنن چيو تہ جيڪي سرڪاري ڪانٽا آھن اتان اسان جون گاڏيون وزن ڪرائي پوء اڳتي وينديون آھن,ھي غير قانوني ڪانٽا بند ٿيڻ گھرجن جيڪي اسان ٽرانسپورٽن لاء عذاب بڻيل آھن جيڪو ڊرائيور ڪانٽو نہ ٿو ڪرائي ان کي مارڪٽ ڪري پوليس حوالي ڪيو وڃي ٿو
ھنن نگران سرڪار سميت وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ غيرقانوني ڪانٽا بند ڪيا وڃن ۽ موٽروي پوليس جي ناجائزين کان ٽرانسپورٽن کي بچائي سک سان جيئڻ ڏنو وڃي
ٻي صورت ۾ ھنن چتاء ڏيندي چيو تہ اسان احتجاجن سڄي ملڪ جي ٽرانسپورٽ بند ڪري ھڙتال تي ويھي رھنداسين جيستائين اسان جا جائز مسئلا حل نہ ٿا ڪيا وڃن گڏجاڻي جي آخر ۾ غيرقانوني ڪانٽن ۽ موٽروي پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو ويو ..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
تازہ ترین
تمام سرکاری اداروں میں شفاف طریقے سے خریداری اور خدمات کا حصول حکومت کی اولین ترجیح ہے، وزیراعظم
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محترم آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي توجهه لاءِ کليل خط
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
اسماعيل ڏاهري، سندس ڪٽنب ۽ حامين خلاف ڪارروائين پٺيان آصف علي زرداري جو هٿ آهي: حميده ڏاهري
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ سُڪي پئي، وفاق وري نوان ڪينال ٺاهي پيو وڃي: سنڌ حڪومت جو وفاق کي خط
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh
larkana
Shikarpur
All
0 تبصرے