English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن، لکين روپين جي منشيات ھٿ
views
|
21st Sep 2023
•
سنڌي خبرون
گرينڊ آپريشن دوران 60 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي: ايس ايس پي
شڪارپور (احسان ابڙو) بدنام زمانه چڻگي مقام تي منشيات فروشن ۽ انهن جي ٺڪاڻن تي پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل گرينڊ آپريشن. گرينڊ آپريشن دوران 60 لکن جي ماليت جي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي هٿ آيل منشيات ۾ وڏي مقدار ۾ چرس ڀنگ شامل ۽نقلي ڀاڻ جي فيڪٽري مان ڪيميڪل به هٿ ڪيو ويو آهي. گرينڊ آپريشن ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ رينجرز جي ڪرنل جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ آھي تھ آپريشن ۾ اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاه بخاري سميت ايس ڊي اوز ، مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ رينجرز اهلڪارن شرڪت ڪئي. آپريشن دوران چڻگي ۾ بدنام ڏوهاري منشيات فروش قبرستان ۾ قائم منشيات جا اڏا ڊاهي پٽ ڪيا ويا. آپريشن دوران 15 کان وڌيڪ گهرن جي تلاشي ورتي وئي، جنهن دوران 5 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ لاءِ کين ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. آپريشن دوران زمين جي اندر لڪايل منشيات هٿ ڪئي وئي. هٿ آيل منشيات ۾ 60 لک رپين کان وڌيڪ جي چرس ۽ ڀنگ شامل آهي. منشيات فروش گذريل ڪيترن ئي سالن کان هن قديم قبرستان تي قبضو ڪري منشيات جو ڪاروبار هلائي رهيا هئا. ڪارروائي دوران جعلي ڀاڻ ٺاهڻ واري فيڪٽري پڪڙيو ويو. جعلي ڀاڻ جي فيڪٽري کي سيل ڪري سامان، پيڪنگ ۽ مشينري ضبط ڪئي وئي آهي. منشيات فروش سماج لاءِ خطرو آهن، انهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو ويندو جيستائين منشيات جو خاتمو نه ٿيندو. فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Shikarpur
0 تبصرے