ٺٽو: دولھ درياء خان پل مٽڪا اسٽاپ وٽان رٽائرڊ پوليس عملدار مبينا اغوا

والد رٽائرڊ اي ايس آءِ علي محمد ٻارڙڻ کي صبح جو اغوا ڪيو ويو: پوليس جمعدار جاويد علي ٻارڻ

ٺٽو: دولھ درياء خان پل مٽڪا اسٽاپ وٽان رٽائرڊ پوليس عملدار مبينا اغوا

ٺٽو(ڊر) ٺٽي لڳ دولھ درياء خان پل مٽڪا اسٽاپ وٽان رٽائرڊ پوليس عملدار نامعلوم ڪار سوارن ھٿان اغوا، وارث سخت پريشان، جن اغوا ٿي ويل رٽائرڊ پوليس عملدار کي بازياب ڪرائي پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ سجاول ضلعي جي ڳوٺ حسين ٻارڻ جي رھواسي پوليس جمعدار جاويد علي ٻارڻ ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي انڪشاف ڪندي چيو اھي تہ سندس والد رٽائرڊ ASI علي محمد ٻارڻ ٺٽي ويجھو فقير جي ڳوٺ ڀرسان مقادعي تي ورتل زمين تي آيو ھو، جيڪو اڄ صبح جو دولھ درياء خان پل مٽڪا اسٽاپ تان نامعلوم ڪار سوارن ھٿان اغوا ٿي ويو آھي، جنھن جو اڃان تائين ڪوبہ ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو، جنھن جي جان کي بہ خطرو لاحق ٿي ويو آھي، جنھن جو فون نمبر بہ بند پيو اچي، جمعدار جاويد علي ٻارڻ چيو تہ سندس پيء جي اغوا جي رپورٽ سجاول ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ سميت ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي سمورن ٿاڻن تان بہ تصديق ڪرائي اھي، پر سندس والد جو ڪٿان بہ ڪو ڏس پتو ملي ناھي سگھيو. جمعدار جاويد علي ٻارڻ اھو بہ انڪشاف ڪندي چيو تہ سندن گھر واري پلاٽ تان ٻئي ڌر سان دشمني بہ ھلندڙ اھي، ھن چيو تہ سندن ڳوٺ جو بااثر شخص حاجي عمر ٻارڻ کين پنھنجي ئي گھر مان بيدخل ڪري سندن گھر جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، جنھن ڪجھ وقت اڳ نوابشاھ جي ڏوھاري ماڻھن کي ساڻ ڪري سندن گھر تي حملو ڪري سندن عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ سميت مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي 22 A جون بہ درخواستون ڪري چڪو آھي، کين خدشو آھي تہ سندن والد کي سندن ئي برادري جي وڏيري حاجي عمر ٻارڻ جي چرچ تي نوابشاھ جي رھواسي ڏوھاري ماڻھن ھٿان اغوا ڪرايو ويو آھي، جمعدار جاويد علي ٻارڻ نگران حڪومت جي سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري اغوا ٿي ويل سندس والد رٽائرڊ ASI علي محمد ٻارڻ کي بازياب ڪرائي کين بااثر ماڻھن جي زيادتين مان نجات ڏياري کين بيدخل ٿيڻ توڙي نقصان کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت ۾ ويندس.