تعليم ڪنهن به قوم جي ترقيءَ لاءِ بنياد آهي، پر سنڌ ۾ تعليمي نظام بدترين حالتن جو شڪار آهي. افسوس جو سنڌ جي تعليمي شعبي کي مقامي سياستدانن ۽ پڙهيل بيروڪريٽن جي ملي ڀڳت سان مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي. تعليمي ايمرجنسي جو نعرو هر ڪجهه وقت تي هنيو ويندو آهي، پر اهي ڪوششون ڪجهه عرصي کان پوءِ بنا نتيجي جي ختم ٿي وينديون آهن. ڇو ته سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ويٺل مافيا ايتري مضبوط آهي جو ڪنهن به سڌاري جي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ٿي ڏئي.
بجيٽ ۽ ان جو زوال
سنڌ جي تعليم لاءِ هر سال اربين رپين جي بجيٽ مختص ڪئي وڃي ٿي، پر ان رقم مان تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪي خاص قدم نٿا کنيا وڃن. اهي پئسا تعليم جي بهتري بدران بدعنواني جي ور چڙهي وڃن ٿا. نتيجي ۾ نه اسڪول ٺيڪ ٿين ٿا، نه ئي بند اسڪول کوليا وڃن ٿا، ۽ نه ئي گوسڙو استادن جي مسئلي جو حل نڪري ٿو.
ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جو رشوتي نظام
تعليمي کاتي ۾ سڀ کان عام ۽ منظم ڪرپشن ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. قانوني طور پابندي هوندي به، رشوت عيوض اهي معاملا روزانو حل ڪيا وڃن ٿا. تعلقي، ضلعي، ۽ ڊويزن سطح تي مقرر ماڻهو بنا ڪنهن اخلاقي قدرن جي رشوت وٺي مسئلا حل ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا رشوت ڪم ڪرائڻ چاهي، ته کيس اهڙا جهيڙا ڏنا وڃن ٿا جو آخرڪار هو نظام جي اڳيان هٿيار ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي.
ڪرپشن جو ڦهلاءُ
اهو نظام هيٺين کان مٿي تائين ڪرپٽ آهي. بنا رشوت جي ڪوبه ڪم ممڪن نه آهي. مثال طور، جيڪڏهن ڪو ماڻهو سيڪريٽريٽ وڃي پنهنجو جائز ڪم ڪرائڻ چاهي ٿو، ته سندس ايتري تذليل ڪئي وڃي ٿي جو هو مجبور ٿي رشوت ڏيڻ تي راضي ٿي وڃي. فائنانس کان وٺي ٻين شعبن تائين، هر جڳهه تي بدعنواني جو راڄ آهي.
وڏن عهدن تي ويٺل بيروڪريٽن جو ڪردار
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انهن پڙهيل بيروڪريٽن، جيڪي وڏن عهدن تي مقرر آهن، کي اها ڪرپشن نظر نه ٿي اچي؟ حقيقت اها آهي ته اهي پاڻ ان نظام جو حصو آهن ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
تجويزون
1. *شفاف ڊجيٽل سسٽم:*
استادن جي ڀرتي ۽ ٽرانسفر لاءِ جديد ڊجيٽل نظام لاڳو ڪيو وڃي، جنهن ۾ انساني مداخلت گهٽجي ۽ رشوت ڏيڻ وٺڻ جو امڪان ختم ٿئي.
2. *آزاد احتسابي ادارو:*
تعليمي کاتي لاءِ هڪ آزاد احتسابي ادارو قائم ڪيو وڃي، جيڪو مالي بدعنواني تي نظر رکي ۽ سخت ڪارروائي ڪري.
3. *مافيا خلاف قدم:*
تعليمي نظام ۾ موجود مافيا کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ قانوني قدم کنيا وڃن.
4. *سول سوسائٽي جي شموليت:*
سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي تعليم جي بدعنوانين کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ هٿي ڏني وڃي.
5. *تعليم لاءِ سياسي مداخلت جو خاتمو:*
تعليمي کاتي کي مڪمل طور سياست کان آزاد ڪيو وڃي ته جيئن تعليمي پاليسيون خالص عوامي ڀلائيءَ لاءِ تيار ٿي سگهن.
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سياسي، انتظامي، ۽ سماجي سطح تي جامع تبديلي جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هن وقت سخت قدم نه کنيا ويا، ته سنڌ جي تعليمي نظام جو مستقبل اڃا وڌيڪ اونداهو ٿي ويندو.
0 تبصرے