English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
views
|
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ
بليو اسڪائي هڪ نئون سوشل ميڊيا پليٽ فارم آهي جيڪو ايڪس ( ٽوئيٽر) سان هڪجهڙائي رکي ٿو. بليو اسڪائي جو نشان (لوگو) بہ ايڪس (ٽوئيٽر) وانگر آهي جنهن ۾ پوپٽ جو نشان آهي،جڏهن تہ ٽوئيٽر ۾ نيري رنگ جو پکي هوندو پر ايلون مسڪ جڏهن ٽوئيٽر کي خريد ڪيو تہ ان جو نالو ٽوئيٽر بجاءِ ايڪس رکيو ويو ۽ نشان (لوگو) پڻ تبديل ڪيو ويو ۽ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ "ايڪس " لوگو جي جاءِ تي نشان طور ڏنو ويو. اڄڪلھ بليو اسڪائي نئون سوشل ميڊيا پليٽ فارم آهي ۽ ان جي مقبوليت ۾ اضافو تڏهن آيو جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ايلون مسڪ کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو. ايڪس (ٽوئيٽر) جا ڪافي صارف هاڻي بليو اسڪائي کي اهميت ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجا اڪائونٽ بليو اسڪائي ۾ ٺاهي رهيا آهن. ٻہ ڏينهن پهريان تائين بليو اسڪائي يوزرس جو تعداد 7.16 ملين تائين پهچي چڪو آهي.بليو اسڪائي ۾ جيڪي فيچرس ڏنا ويا آهن اهي هوم، سرچ، نوٽيفڪيشن، چيٽ ۽ لسٽ شامل آهن. بليو اسڪائي استعمال ڪندڙ هن پليٽ فارم تي تبصرا، ري پوسٽ، ۽ لائيڪ پڻ ڪري سگهن ٿا. بليو اسڪائي ايپ کي 2019ع ۾ گوگل پلي اسٽور تي آندو ويو پر هن جي مقبوليت نہ جي برابر هئي ڇا ڪاڻ تہ بليو اسڪائي کان پهريان واٽس ايپ، فيس بڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام جهڙيون مشهور ايپليڪيشنس پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ويٺيون هيون.هي ايپليڪيشن استعمال ڪندڙن جو چوڻ آهي تہ هي ايپليڪيشن ٽوئيٽر جو متبادل آهي ۽ ايڪس (ايڪس) سان اڄڪلهہ سندس مقابلو عروج تي آهي،ڇو تہ ڊونلڊ ٽرمپ جا مخالف هن پليٽ فارم کي وڌيڪ ترجيح ڏئي رهيا آهن. بليو اسڪائي ۽ ايڪس ( ٽوئيٽر) ۾ هڪجهڙائي ان ڪري بہ آهي تہ بليو اسڪائي جو بنياد جيڪ ڊورسي رکيو هو جيڪو ٽوئيٽر جو اڳوڻو سي اي او رهي چڪو آهي. پر اهو چيو پيو وڃي تہ جيڪ ڊورسي مارچ 2024ع کان بليو اسڪائي جو ميمبر نہ رهيو آهي. جڏهن تہ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته جيڪ ڊورسي سيپٽمبر 2023ع ۾ پنهنجو اڪائونٽ بليو اسڪائي تان ئي ختم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي بليو اسڪائي جو انتظام جي گرابر وٽ آهي جيڪو هاڻي بليو اسڪائي ايپ جو سي اي او آهي. بليو اسڪائي ايپ پنهنجي ايپ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڪري رهيو آهي.بليو اسڪائي جي هڪ خاصيت اها بہ آهي تہ هن تي موڪليل ڊيٽا کي هو پاڻ وٽ محفوظ ڪري ٿو ۽ ٻئي ڪنهن سرور يا ايپ تائين انجي رسائي ناممڪن آهي. ڪجھ ڏينھن کان اها ايپ وڌ کان وڌ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ پڻ آهي. مشهور ڳائڻي ليزو، گريگ ڊيوس، بين اسٽيلر، جمي لي ڪرٽس، اور پينن، اوسوالٽ سميت شوبز سان وابستہ ٻيا ماڻهو پڻ هن پليٽ فارم طرف اچي رهيا آهن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال بہ اڀرندو هوندو تہ بليو اسڪائي جنهن ٽوئيٽر کي ايڏو وڏو ٽف ٽائيم ڏنو آهي ان جي ڪمائي يا سيڙپ جو ڪهڙو ذريعو آهي جو دنيا جي کرب پتي شخص سان مقابلو پيو ڪري. اصل ۾ انجي سيڙپ ۾ ڪافي ماڻھن جي گڏيل سيڙپ هئي ۽ ڪمائي مان انهن جو حصو نڪرندو پئي ويو ۽ اڄڪلھ بليو اسڪائي اڃا تہ ميدان ماريندي پئي وڃي، مستقبل ۾ ڏسجي تہ اهو مقابلو ڪير ٿو کٽي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: بشریٰ بی بی کو عدالت سے گرفتار کر لیا گیا، القادر یونیورسٹی کو سرکاری تحویل میں لینے کا حکم
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: 190 ملین پاؤنڈ کیس، پی ٹی آئی کے بانی عمران خان اور بشریٰ بی بی کو سزا
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول: ڊي سي زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيد غلام مصطفي شاھ
بليو اسڪائي
Blue
SKy
x
0 تبصرے