ڪوٽ لالو ۾ ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل، ڪيس داخل

فهميده راڄپر کي سندس ڀاءُ شهباز قتل ڪيو، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: ذريعا

ڪوٽ لالو ۾ ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل، ڪيس داخل

فيض گنج: ڪوٽ لالو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ مبينا طور مارجي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري کي قتل ڪرڻ بعد سندس پيءُ ممتاز پوليس کي رشوت ڏئي واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏنو، اهڙي خبر ميڊيا تي اچڻ بعد ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوليس ڪارروائي ڪندي ناري جو لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ناري فون تي ڳالهائي رهي هئي جنهن دوران سندس ڀاءُ کيس گولي هڻي قتل ڪيو