English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج
82 views
|
13th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ صحافي اتحاد پاران واپڊا ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، معصوم ٻارڙا بھ وڏي انگ ۾ شريڪ
نوشهرو فيروز(ڊ ر) سنڌ صحافي اتحاد نوشهرو فيروز پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ننڍڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي سلسلو جاري آھي. واپڊا ڪالوني نوشهرو فيروز کان شروع ٿيل احتجاجي مظاهري واري ريلي کي ڏسي رسيس ۾ اسڪولي ٻارڙن به ان ۾ شرڪت ڪئي ۽ ننڍڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ نعرا هنيا. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ساگر يوسف منگي، ذوالفقار تڳر، خادم حسين مري، ناز سولنگي، اعجاز تڳر، ثقلين اسراڻ، بهلول مري ۽ ٻين چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ صحافي اتحاد ۽ سنڌ جي گڏيل شعور جو ڀرپور احتجاج جاري آھي ۽ انصاف ملڻ تائين اسان جو احتجاجي سلسلو جاري رهندو. هنن چيو ته سنڌ اندر صحافين جو قتل، معصوم ٻارڙن جون اغوائون ۽ قتل عام ٿي رهيو آھي ۽ حڪمران ڌاڙيلن ۽ قاتلن آڏو بي وس آھن. ننڍڙي پريه ڪماري کي به هن مهل تائين بازياب نه ڪرايو ويو آھي جيڪا حڪمرانن ۽ هن سسٽم جي ناڪامي آھي. هنن چيو ته 14 سيپٽمبر جي شام کان وٺي 15 سيپٽمبر جمعي جي شام تائين به نوشهرو فيروز ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳندي ۽ شهيد جان محمد مهر کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. 17 سيپٽمبر تي چڪ جان محمد شهر کان سکر ۾ جاءِ شهادت تائين 30 ڪلوميٽر انقلابي پيادل مارچ ۾ به ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي. 21 سيپٽمبر تي شهيد جو چاليهو ٿيندو جنهن ۾ خاموش احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو ۽ 24 سيپٽمبر تي سچل ڳوٺ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين پيادل احتجاجي مارچ ۽ پوءِ سي ايم هائوس طرف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو هنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
noshahroferoz
jan muhammad mahar
pirya kumari protest
0 تبصرے