دادو ۾ يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي اڳواڻڻ جي ڊسٽرڪٽ جيل اندر قيدين سان ملاقات

يوم دفاع جي موقعي تي قربان کوسو، عبداللطيف ۽ عبيدالرحمان جتوئي قيدين سان ملاقات ڪئي

دادو ۾ يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي اڳواڻڻ جي ڊسٽرڪٽ جيل اندر قيدين سان ملاقات

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) يوٿ ويلفئير سوسائٽي ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري قربان کوسو , ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عبدالطيف سولنگي , اسسٽنٽ اطلاع آفيس دادو عبيدالرحمان جتوئي ٽي رڪني ڪاميٽي جي وفد جي ڊسٽرڪٽ جيل دادو اندر قيدين سان يوم دفاء جي ڏھاڙي جي نسبت سان قيدين سان ملاقات ڪئي وفد جيل اندر ايس ايس پي جيل دادو امتياز علي سومرو جي اڳواڻي ۾ قيدين سان ملاقات ڪئي ۽ ھنن قيدين وفد کي ٻڌايو ته جيل اندر جيل مينيول مطابق ماني ٽي ٽائيم , پنج وقت نماز ادائيگي ۽ ديني اسلامي تعليم سان گڏوگڏ ھنري سکيا پڻ اسان کي ملي ٿي , ۽ ان سان گڏ صحت مند رکڻ لاء ڊاڪٽر ۽ ٻيو سندس عملو اسان کي بھتر علاج جون سھولتون ۽ دوائون فرھام ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر نه ڇڏي آهي ھنن ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ جيلر امتياز علي سومرو ۽ اسٽاف آئي جي جيل کانا جات سنڌ جي ھدايتن موجب اسان قيدين سان بھتر اخلاق حسن پيش اچڻ جي ڪري ڊسٽرڪٽ جيل ۾ اسان قيدين جو پاڻ ۾ بھتر کان بھتر ماحول فرھام ڪرڻ آهي ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ جيلر دادو امتياز علي سومري ميڊيا کي ٻڌايو ته ھي قيدي ويچارا اسان جيل کاتي ۾ ھجڻ ڪري ھنن جي جان ۽ انهن جي صحت متعلق , ۽ جيل اسٽاف جو سندن سان بھتر صحڪار جي ڪري ھنن جا جائز مسئلا ۽ جائز شڪايتن جو بنا ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ جي حل ڪرڻ اسان جي فرائزن ۾ شمار آهي ڪو به قيدي پاڻ کي اڪيلو نه ٿو سمجهي ھڪ ڪٽنب جيان ماحول ۾ رھي انهن کي ڏوھن کان توبه ڪرڻ جي پڻ تربت ڏني ٿي وڃي ته جئين ھو جيل اندر رھي قيد ڪاٽي جڏهن ٻاھر وڃن ته ھڪ سٺو شھري ھجڻ ۽ قانون جي پاسداري رکڻ سان گڏ سٺي شھري جو ثبوت ڏئي سگهن ٿا ته جئين سنڌ جي سٺن جيلن ۽ قيدين جي سٺي اصلاح گهر ھجڻ جو ثبوط ڏين ٿا ۽ سنڌ حڪومت ھوم ڊپارٽمينٽ جي معرفت سنڌ جي اندر قيدين جي رھڻي ڪھڻي ۽ بھتر زندگي جون سھولتون پيدا ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙي رھي آهي