ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ ڪربلا جي شهيدن جا چاليهي جي حوالي سان گڏجاڻي

گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي سيد امداد علي شاهه، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ٻين جي شرڪت

ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ ڪربلا جي شهيدن جا چاليهي جي حوالي سان گڏجاڻي

سجاول(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول طاھر علي ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڪربلا جي شهيدن جي چاليھي جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين تمام انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اھم گڏجاڻي ٿي - گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي سيد امداد علي شاهه ، سمورن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ ، پبلڪ ھيلٿ، حيسڪو کاتن سميت ميونسپل، ٽائون ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کان علاوه شيعه علماء ڪائونسل جي اڳواڻن سميت مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن شرڪت ڪئي - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر تمام مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن تي زور ڀريو ته حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي تمام شھيدن جي چاليھي جي موقعي تي پاڻ ۾ مذهبي ھم آھنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رکڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن منعقد ٿيندڙ مجلسون، ماتمي جلوس ۽ ٻيا مذهبي پروگرام پر امن طريقي سان پڄاڻي تي پهچي سگھن - ڊپٽي ڪمشنر مذهبي جماعتن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سجاول ضلعو ھميشہ پرامن رھيو آھي، پوليس پاران سيڪورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه رينجرز جا جوان پڻ پوليس سان گڏ سيڪورٽي ۽ امن و امان جي بحاليءَ لاءِ پنھنجا فرائض انجام ڏيندا - ھن پبلڪ ھيلٿ ۽ تمام ٽائون عملدارن کي ھدايت ڏيندي چيو ته چاليھي جي موقعي تي شھرن ۾ صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻيءَ جي سپلائي، ڊرينج ۽ روشنيءَ جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن - ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته چاليھي جي موقعي تي برآمد ٿيندڙ ماتمي جلوسن جي روٽس تي ميڊيڪل ڪيمپن جي قيام سميت ايمبولينس جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي - ھن حيسڪو عملدارن کي ھدايت ڪئي ته چاليھي جي موقعي تي خاص طور رات جي وقت لوڊ شيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ جلوسن جي گذرگاهن تي بجليءَ جي تارن کي مٿي ڪيو وڃي - ان موقعي تي ايس ايس پي سيد امداد علي شاهه ٻڌايو ته چاليھي جي موقعي تي پوري ضلعي ۾ ماتمي جلوسن جي سيڪورٽي لاءِ ڪانٽيجينسي پلان تحت فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن - ان کان اڳ گڏجاڻي کي تمام واسطيدار عملدارن پنهنجي پنهنجي کاتي پاران انتظامن بابت تفصيلي آگاهي پڻ ڏني –