معصوم ٻارڙن سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: صنعان خان قريشي

جسقم چيئرمين مغوين جي بازيابي لاءِ سڀاڻي سموري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

معصوم ٻارڙن سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: صنعان خان قريشي

ڪشمور(رپورٽ: دلبر جاني) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي معصوم ٻارڙن سميت شھرين جي اغوا وارداتن خلاف سڀاڻي کان پوري سنڌ ۾ جسقم طرفان احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ناهي ڳوٺن ۾ روڊ رستن جي سھولت ناهي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ناهي غريب سنڌ واسي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن ڪشمور ضلعي جي عوام کي بدامني جي باھ ۾ ڌڪيو ويو آهي، پوليس ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل آهي پوليس ٻنهي پاسن کان مغوين جي نالي تي رشوت وٺي ٿي شھري گھرن ۾ به محفوظ ناھن ھندو پنچائت کي سنڌ مان لڏائڻ لاءِ بدامني ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي پر سنڌ جي ھندو برادري اسان جي سنڌ جا وارث آهن اغوا ڪارن کي ڪشمور جي شعور ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ھاڻي وڌيڪ ڪاروبار نه ھلندو پنهنجي حق لاءِ وڙھنداسين، صنعان خان قريشي جو ڌرڻي کي خطاب،