ڏوڪري: اسسٽنٽ ڪمشنر پاران تعلقي اسپتال جو دورو، مريضن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

اسپتال عملي جو رويو اڍنگو، دوائون ڏيڻ بدران پرچي لکي ٻاهران وٺي اچڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو: مريض

ڏوڪري: اسسٽنٽ ڪمشنر پاران تعلقي اسپتال جو دورو، مريضن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري واسين شڪايتن تي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري اسپتال جو دورو ڪيو، مريضن جون شڪايتون، اسٽنٽ ڪمشنر جو اسپتال جي عملي کي سختي سان هدايتون جاري ڏوڪري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سان منسوب تعلقہ اسپتال ۾ مريضن کي سهولتون نه ملڻ، دوائون جي کوٽ ۽ عملي پاران مريضن سان رويو بهتر نه هجڻ جي شڪايتن تي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي، تپيدار رباني سمجهيو، امداد ٻگهيو سميت عملي سان گڏ تعلقہ اسپتال جو دورو ڪيو، دوري دوارن ليبارٽري، ميڊيڪل اسٽور ۽ وارڊن جو دورو پڻ ڪيو، جڏهن ته اسٽنٽ ڪمشنر جي دوري دوارن مريضن پاران اسٽنٽ ڪمشنر آڏو شڪايتن ڪندي چيو ته اسپتال جي عملي جو رويو انتهائي غلط آهي ۽ مريضن کي دوائون ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ٻاهرين اسٽورن جي مالڪ سان ملي ڀڳت ڪري ڊاڪٽر دوائون ٻاهرين اسٽورن جو لکي ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهرين جي شڪايتن تي اسپتال جو دورو ڪيو آهي دوري دوارن اسپتال جي عملي کي سختي سان هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته مريضن کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ دوائون ڏنيون وڃن.