نوشھروفيروز ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف ڌرڻو

جان محمد مهر سکر جي مظلوم عوام جو سگهارو آواز بڻجي چڪو هيو جيڪو ڪجھ قوتن کي پسند نھ ھو: اڳواڻ

نوشھروفيروز ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف ڌرڻو

نوشهروفيروز (عطاحسين سمون) سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل نوشهروفيروز پاران سکر ۾ شهيد ڪيل صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سکر پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو لڳل ڌرڻي ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مرڪزي قيادت غازي جهنڊير , مرڪزي صدر قاضي ذوالفقار , سليم جهنڊير , صحافي عبدالله سولنگي , بيورو چيف وحيد علي راڄپر , سنڌ صحافي سنگت جو مرڪزي اڳواڻ بچل هنڱورو , سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو , ضلعي بار جو صدر اياز علي مري , عبدالرحيم عباسي , شير محمد اڄڻ ,جي يو آء اڳواڻ اڪرم پيرزادو , پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ وزير علي وڳڻ , وسيم ڏنگراچ , جسم اڳواڻ مسرور چانڊيو , اسڪارپ ضلعي صدر يوسف منگي , خادم حسين مري , ايس ٽي پي اڳواڻ اقبال راڄپر , اسد چانڊيو , پ پ اڳواڻ وزير احمد ملڪ , نصرالله مشوري سميت ضلعي جي مختلف شهرن کان وڏي انگ ۾ صحافين شرڪت ڪئي مسلسل ٽي ڪلاڪ لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جان محمد مهر سکر جي مظلوم عوام جو سگهارو آواز بڻجي چڪو هيو جيڪو ڪجھ قوتن کي ناپسند هيو ۽ هڪ گهري سازش تحت انهن مظلومن جي آواز کي بند ڪيو ويو آهي سکر شهر جي مک روڊ تي هيڏي وڏي دهشتگردي ڪري صحافي کي قتل ڪيو ويو آهي پر پوليس غائب هئي هنن چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قتل جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي سڄي سنڌ جان محمد جي قتل واري واقعي تي سراپا احتجاج آهي پر سکر پوليس جي اڃان تائين مجرماڻي خاموشي جاري آهي پوليس جو ڪردار مشڪوڪ نظر پيو اچي هنن چيو ته هيترو وقت گذري چڪو آهي پر جان محمد جي قتل ۾ ملوث جوابدار اڃان تائين قانوني گرفت کان آجا بڻيل آهي پوليس جي اهڙي رويي جي پڻ اسين مذمت ڪريون ٿا هنن چتاءُ ڏنو ته سکر پوليس جيڪڏهن جان محمد مهر جي ڪيس ۾ ڪردار بهتر نه بڻايو ته سخت کان سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي