شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد پاران ايران ويندڙ زائرين لاءِ لڳايل ڪيمپ جو دورو

شيعا اڳواڻ علي احمد ٻرڙو پاران شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد جو شڪريو پڻ ادا ڪيو ويو

شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد پاران ايران ويندڙ زائرين لاءِ لڳايل ڪيمپ جو دورو

شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ جو وفد جنرل سيڪريٽري استاد عبدالوهاب ڪاغذي جي قيادت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري علامه مولانا صاحبزاده فضل الله نوراني خزانچي پروفيسر پرڪاش لال اڳوڻو چيئرمين ايڊوڪيٽ علي اصغر پهوڙ ڪامريڊ اسدالله سومرو افضل حسين مغل ڪامريڊ احسان جيهو ارشاد احمد آرائين پاران باء پاس پهچي سٿ جي ساٿي شڪارپور بچايو تحريڪ جي وائيس چيئرمين علي احمد ٻرڙو شيعا علماء ڪائونسل شڪارپور طرفان ملڪ جي صوبا سنڌ سميت پنجاب ، ڪي پي ڪي جي مختلف شھرن کان قافلن جي صورت ۾ امام حسين عليه جي زيارتن ۽ چهلم لاء ايران ويندڙ زائرين لاء ڇهن ڏينهن جي لڳايل ڪئمپ جو دورو ڪيو ويو جتي اڳواڻن پاران همدردي ساٿ جو اظھار پڻ ڪيو ويو ۽ شيعا علماء ڪائونسل شڪارپور جي اهڙي نيڪ عمل کي ساراهيو ويو شيعا اڳواڻ علي احمد ٻرڙو پاران سٿ جي ساٿي دوستن شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد جو شڪريو پڻ ادا ڪيو ويو