دادو ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سڏ تي راڻيپور ۽ جان محمد مهر وارن واقعن خلاف ريلي

جان محمد مهر ۽ نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي: اڳواڻ

دادو ۾  سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سڏ تي راڻيپور ۽ جان محمد مهر وارن واقعن خلاف ريلي

دادو(عبدلعزيز ٻٻر)دادو ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سڏ تي شھيد صحافي جان محمد مھر جي قتل واقعي خلاف وڏي انگ ۾ صحافين ۽ دادو جي مذھبي ڪاروباري سياسي سماجي ادبي تنظيمن شھرين سميت دادو پريس ڪلب جي عھديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي شھيد صحافي جان محمد مھر جي قتل واقعي خلاف دادو پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل دادو جي اڳواڻن غوث جھتيال اياز ٻرڙو رحمان قمبراڻي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل تعلقي دادو جي صدر ڪامران ڪورائي دادو پريس ڪلب جي صدر صابر علي ڀنڊ سينيئر صحافين ولي چانڊيو ولي محمد لنڊ سرور جلال سولنگي عدل مھيسر آزاد بلوچ سميت سول سوسائٽي جي نمائندن مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي عورت اڳواڻن ضلع ڪائونسل دادو جي ميمبر پ پ پ اڳواڻ حسينه لغاري ارم عباس سولنگي روزينه جتوئي وفدن جي صورت ۾ احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي صحافي جان محمد مھر جي قتل واقعي تي دادو جي باشعور ماڻھن ڀرپور احتجاج ڪيو قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪندي جڏھن احتجاج ڪندڙ سوين ماڻھو ايس ايس پي چونڪ تي ڪجھ دير لاء ڌرڻو ھنيو ته ايندز ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي بعد ۾ احتجاج ڪندڙ سوين مظاھرين جڏھن دادو پريس ڪلب پھتا تہ مظاھرو وڏي احتجاجي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي ويو ان موقعي تي دادو جي سياسي سماجي ڪاروباري مذھبي جماعتن سميت صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نامياري جاکوڙي بيباڪ بھادر صحافي جي قتل واقعي کي 10ڏينھن گذري ويا آهن بزدل قاتلن کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري نه سگھي آھي سکر ايس ايس پي سنگھار ملڪ کي ھٽايو وڃي قاتلن جي گرفتاري تائين سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي سنڌ ۾ صحافين کي ڪوبه تحفظ نه آھي قلم ڌڻين کي سچ لکڻ تي خون ڪيو وڃي پيو سنڌ ۾ ٿورڙي عرصي اندر ڪيترائي صحافي قتل ڪيا ويا آھن ڪيترن صحافين کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رھيون آھن حڪومت وٽ صحافين جي تحفظ لاء جوڳا انتظام نه آھن جنھن ڪري روزانو ڪنھن نه ڪنھن ماء جي جھولي خالي ڪئي پئي وڃي قاتلن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي ته اھي قلم ڌڻين کي کلي عام شھرن ۾ مارين اڄوڳي احتجاج ۾ شريڪ هر مڪتب فڪر جي ماڻهن صحافين جي تحفظ جي گھر ڪري ڇڏي ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن جي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ان ڳالھه جو چٽو ثبوت آھي ته شھيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفرڪردار سزا ڏني وڃي مظاھرين جي ھٿن ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي تصويرن جا بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا دادو سميت مختلف شھرن ميھڙ ڪي اين شاھ ڪڪڙ نئون ڳوٺ راڌڻ سيتاروڊ ڦلجي اسٽيشن خانپور خدا آباد واھي پانڌي جوھي ھيرو خان سميت دادو ضلعي مختلف شھرن جي صحافين سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي ساٿين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ سڪيورٽي جاانتظام دادو پوليس پاران سرانجام ڏنا ويا