دادو ويجھو ڳوٺ بچل ٻوڪ ۾ قديمي قبرستان مان وڻن جي واڍي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

صفير ٻوڪ بااثر ماڻھن سان گڏ قبرستان جا سڀ وڻ وڍرائي وڪڻي ڇڏيا: ممتاز ٻوڪ/ بشير ٻوڪ

دادو ويجھو ڳوٺ بچل ٻوڪ ۾ قديمي قبرستان مان وڻن جي واڍي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

دادو (رپورٽر) دادو لڳ ڳوٺ بچل ٻوڪ ۾ بااثر قديمي قبرستان جا سڀ وڻ وڊائي وڪرو ڪري ڇڏيا، وڻن جي واڍي خلاف ڳوٺ بچل ٻوڪ جي رھواسين ممتاز ٻوڪ بشير ٻوڪ سنڌ پريس ڪلب دادو پھچي احتجاج ڪيو ، سندن چوڻ ھو تھ ڳوٺ جي بااثر صفير ٻوڪ بااثر ماڻھن سان گڏ قبرستان جا سڀ وڻ وڊائي وڪرو ڪري ڇڏيا ۔ بي سيڪشن پوليس وڻ وڊڻ تي جوبدار صفير ٻوڪ مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي پر بااثر ھجڻ ڪري پوليس جوبدار کي گرفتار نٿي ڪري ۔ فوري جوبدار کي گرفتار ڪيو وڃي جوبدار کي بااثر ماڻھن جي سپوٽ آھي نہ تہ جوبدار اسان ڳوٺاڻن کي نقصان پھچائي سگھي ٿو ۔