ڪارونجهر جي نيلامي واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪريون ٿا: راشد محمود سومرو

سنڌ جي اثاثن سان هٿ چراند ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، سنڌ دشمن فيصلا قبول ناهن

ڪارونجهر جي نيلامي واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪريون ٿا: راشد محمود سومرو

سجاول(ڊر)جمعيت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو چيو آهي ٿه گذريل ڏينهن ڪارونجهر ۾ جي يو آئي پاران ٿيل ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ نيلامي خلاف ٿيل احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن ۽ سنڌ جي جوانن جو شڪريو ادا ٿو ڪريان جن هن احتجاج ۾ شرڪت ڪري فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته اسان سنڌ حڪومت جي هن فيصلي ۽ خيال کي مسترد ٿا ڪريون ڪنهن به سنڌ حڪومت جي هي ناپاڪ سازش قبول ڪرڻ نه ڏينداسين.سنڌ جا اثاثا سنڌ جا آهن.سنڌ جي اثاثن سان هٿ چوراند ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين.احتجاج کان واپسي ۾ جي يو آئي ضلع سجاول جي ڪارڪنن جي گاڏي سان حادثو ٿيو جنهن ۾ ڏه کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ٿيا هڪ ساٿي شهيد ٿي ويو.جي يو آئي سجاول جا ڪارڪن هڪ مهل پهچي زخمي ڪارڪنن سان گڏ رهيا تمام سهولتون فراهم ڪيون.شهيس ٿيل ڪارڪن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته شهيد ساٿي بهائي خان جي الله پاڪ مغفرت فرماء ۽ زخمين کي الله پاڪ جلد صحتيابي عطاء فرماء.جي يو آئي ڪڏهن به ڪارڪنن کي اڪيلو ناهي ڇڏيو رات حاثي کان وٺي مسلسل زخمين ۽ اڳواڻن سان رابطي ۾ هئس ٽن ڪارڪنن جي حالت انتهائي خراب هئي جن جو علاج ڪراچي ۾ ڪرايو جن مان ٻه ڪارڪن صحتياب ٿي پنهنجي گهرن جي طرف روانا ٿي ويا آهن.هڪ ڪارڪن جو علاج هلندڙ آهي انشاءالله اهو به جلد صحتياب ٿيندو.ڪارڪنن ۽ قائدين جو هي قربانيون ضرور رنگ لائيندو انشاءالله اسان هنن قربانين جي ذريعي ملڪ پاڪستان کي حقيقي اسلامي نظام آڻينداسين