گڏاپ ۾ جاپان جي سھڪار سان اسڪول جو افتتاح، جپان جو سفير اڪمتسوسوسي ۽ ٻيا بھ شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جپان جي حڪومت جي سهڪار سان گڏاپ جي راڌو جوکيو ڳوٺ ۾ تعمير ڪيل ايليمينٽري اسڪول جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاه، جپان جي سفير اڪمتسو سوسي، تعليم کاتي جي سيڪريٽري زاهد عباسي ايم پي اي يوسف مرتضي بلوچ ۽ راجا رزاق ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار شاه چيو ته سنڌ هڪ عظيم ڌرتي آهي، جيڪا موئن جي دڙي جهڙي قديم تهذيب جي وارث رهي آهي ۽ تاريخ ۾ هميشه ترقي يافته حيثيت رکي آهي. هن چيو ته جپان ۽ سنڌ جا لاڳاپا تمام پراڻا ۽ مضبوط آهن، ۽ جپان جي تعاون سان سنڌ ۾ هينئر تائين 82 اسڪول تعمير ڪيا ويا آهن. سردار شاه چيو ته اسان جپان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جن تعليم جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم جي ترقي لاءِ رڳو ڀرتيون ڪرڻ ڪافي ناهن، پر اسڪولن جي عمارتن ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي پڻ لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته، "مون سڀني کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن هزارين ڀرتيون به ڪيون وڃن ۽ اسڪولن جون عمارتون موجود نه هجن، ته پوءِ استاد پڙهائيندا ڪٿي صوبائي وزير چيو ته موجوده معاشي صورتحال سبب خزاني جي بجيٽ ۾ وڏي ڪٽوتي ٿي آهي، جنهن ڪري حڪومت کي ڳڻتي آهي ته مستقبل ۾ پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگين لاءِ به وسيلا موجود هوندا يا نه. هن چيو ته آدمشماري ۾ تيزي سان واڌ سبب تعليم کاتي تي بار وڌندو پيو وڃي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل ۽ بهتر پاليسيون اختيار ڪرڻيونپونديون. سردار شاه چيو ته تعليم کاتي ۾ انتظامي سڌارا آندا پيا وڃن ۽ بدلين جا اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا پيا وڃن. هر ضلعي ۾ هڪ ضلعي تعليم آفيسر ۽ ڪلسٽر بورڊ قائم ڪيو ويندو، جن جي ذريعي استادن جون بدليون ڪيون وينديون. هن انڪشاف ڪيو ته جڏهن هن تعليم کاتي جو قلمدان سنڀاليو ته ان وقت صوبي ۾ 11 هزار اسڪول بند پيل هئا. هن چيو ته ماضي ۾ ڊي اي اوز تي مقامي ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ بااثر ماڻهن جو دٻاءُ هوندو هو ته فلاڻو استاد چونڊن ۾ ساٿ ڏنو آهي، تنهن ڪري کيس گهر ڀرسان اسڪول ۾ مقرر ڪيو وڃي. سردار شاه چيو ته تعليم جي حقيقي بهتري لاءِ اهڙي غيرشفاف نظام کي تبديل ڪرڻ ضروري آهي، جيئن استادن جي مقررين ۽ بدلين ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جپان جي حڪومت پاران تعليم جي شعبي ۾ ڪيل تعاون کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهڙا منصوبا سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا.
0 تبصرے