ميرين ريسرچ ليبارٽري ضلعي سجاول جي ماڻھن لاء ناياب تحفو آھي: اياز شاهه شيرازي

ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي ليبارٽري ۽ سروي پوائنٽ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس جو افتتاح ڪيو

ميرين ريسرچ ليبارٽري ضلعي سجاول جي ماڻھن لاء ناياب تحفو آھي: اياز شاهه شيرازي

سجاول (گلشيرميربحر ) ميرين ريسرچ ليبارٽري ضلعي سجاول جي ماڻھن لاء ھڪ ناياب تحفو آھي اھا ليبارٽري ٺھڻ سان ھتي جي زمينن ، ٻيلن ۽ پاڻي جي بابت نه صرف ريسرچ ٿيندي پر مقامي ماڻھن لاء روز گار جا موقعا ميسر ٿيندا .اھڙو اظھار ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي جاتي روڊ تي حاجا موري اسٽاپ تي سجاول ۾ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي نالي سان ميرين ريسرچ ليبارٽري ۽ سروي پوائنٽ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس جو افتتاح ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي ڪيو تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي اياز شاھ شيرازي چيو ته ھي ريسرچ ليبارٽري سجاول جي ساحلي پٽي جي لاء فائديمند ثابت ٿيندي ھن ليبارٽري وسيلي ھتي جي زمين پاڻي سمنڊ جي کاراڻ تمر ۽ ٻيلن جي وڻن ماحوليات سميت مختلف قسمن جي تحقيق ٿيندي ۽ سنڌ يونيورسٽي وسيلي شاگردن کان تحقيق ڪرائي پي ايڇ ڊي جي اعزاز سان نوزيو ويندو ھن چيو ته ميرين ليبارٽري تيار ٿيڻ سان روزگار جا موقعا وڌندا ۽ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي فائدو حاصل ٿيندو اياز شاھ چيو ته ھن ليبارٽري جي تعمير لاء ضلعي ميرين سوشل ويلفيئر ڪميٽي سجاول پاران فنڊ رکيا ويا آھن