ڊپٽي ڪمشنر سجاول طاهر علي ميمڻ پاران سول اسپتال جو اوچتو دورو

ڊي سي ايمرجنسي وارڊ، ڊائلسز سينٽر، او پي ڊي، آپريشن ٿيٽر، گائني وارڊ، ٻارن جي وارڊ سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو

ڊپٽي ڪمشنر سجاول طاهر علي ميمڻ پاران سول اسپتال جو اوچتو دورو

سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول طاهر علي ميمڻ سول اسپتال سجاول جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ايمرجنسي وارڊ، ڊائلسز سينٽر، او پي ڊي، آپريشن ٿيٽر، گائني وارڊ، ٻارن جي وارڊ سميت مختلف شعبن جو دورو ڪري مريضن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو، سول اسپتال ۾ موجود مريضن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ڊپٽي ڪمشنر سول اسپتال سجاول جي انتظاميا کي هدايت جاري ڪندي چيو ته سجاول اسپتال۾ سھولتون ميسر ڪيون وڃن اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽي کان غير حاضر آھن اسٽاف پڻ غير حاضر آھي انھيءَ عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر سجاول طاهر علي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سجاول اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو آهي، اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جو نظام متاثر آھي. آئون 11:45 تي اسپتال پھتو آھيان ايم ايس سجاول خود ڊيوٽي تي موجود نه ھو جيڪو 12:30 اسپتال ۾ ڊيوٽي تي پھتو آھي سول اسپتال ۾ ڊائيلسز سينٽر ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ مريضن کي سھولتون ملن پيون باقي شعبن ۾ سھولتون اڻلب آھن گائيني وارڊ ۾ لائيٽ نه ھئڻ ڪري آڪسيجن جو نظام مڪمل نه آھي ٻيون به ڪافي سارا مسئلا نظر ۾ آيا آھن انھن کي نوٽ ڪري ڇڏيو آھي.ايم ايس ڊاڪٽر عبدالجبار جمالي کي ٻين اسٽاف کي پابند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، هن يقين ڏياريو ته جلد سول اسپتال سجاول ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جيڪي به ڊاڪٽر ڊيوٽي تي غير حاضر آهن، انهن جي پگهار روڪي وئي آهي.سول اسپتال ۾ بلڊ بينڪ ۽ ٻين شين جي کوٽ آهي، جنهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، اسپتال جا سمورا مسئلا سيڪريٽري صحت ۽ ڊي جي صحت کي خط لکي پيش ڪيا ويندا ۽ سول اسپتال کي بهتر بڻايو ويندو.جڏھن ته فاضل سومرو،نصيب الله ميمڻ،ڊاڪٽر عبدالجبار جمالي،ڊاڪٽر اشفاق جعفراڻي،عبدالمنان شيخ،۽ ٻيا پڻ موجود هئا