ڪراچي ۾ پوليس هٿان مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو

حوا ڳوٺ ۾ مقابلي دوران دانش عرف ملا عرف عبدالڪريم مارجي ويو: پوليس

ڪراچي ۾ پوليس هٿان مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو

ڪراچي جي اقبال مارڪيٽ واري علائقي ۾ پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته حوا ڳوٺ ۾ مقابلي دوران هڪ ڏوهاري دانش عرف ملا عرف عبدالڪريم پٽ عبدالغفار مارجي ويو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويو، مارجي ويل ڏوهاري مختلف مختلف ڪيسن ۾ اشتهاري ۽ روپوش هو، مارجي ويل ڏوهاري 21 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل به وڃي چڪو هو