ڪشمور پوليس ايس ايڇ او ۽ اهلڪار سميت ٽن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو

تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد مغوين کي ڇڏيو ويو: ذريعا

ڪشمور پوليس ايس ايڇ او ۽ اهلڪار سميت ٽن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو

ڪنڌڪوٽ: ڪشمور پوليس آپريشن ڪري مغوي ايس ايڇ او سميت ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس آپريشن ڪري ايس ايڇ او گل محمد مهر، پوليس اهلڪار ۽ هڪ ڳوٺاڻي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي عرفان سمون پڻ ڪچي پهچي ويو آهي. ٻي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد مغوين کي ڇڏيو ويو آهي