English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
83 views
|
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي رڻ علائقي جي ڳوٺ ڪيرلو ۾ پيش آيل هڪ افسوسناڪ واقعي دوران برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي هڪ معصوم ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻن ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، خبر موجب تازين برساتن جتي ريگستاني علائقن لاءِ رحمت بڻجي وسڪارو ڪيو آهي، اتي ئي ڳوٺ ڪيرلو جي هڪ خاندان لاءِ اها برسات وڏي الميي جو سبب بڻجي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽيئي ٻار پنهنجي گهر ڀرسان برساتي پاڻي سان ڀريل هڪ کڏي جي ويجهو راند ڪري رهيا هئا ته اوچتو پير ترڪڻ سبب پاڻي ۾ ڪري پيا، واقعي جي نتيجي ۾ 8 ورهين جو ثناءُ الله پاڻي ۾ ٻڏي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته علائقي واسين بروقت ڪارروائي ڪندي 12 ورهين جي راشد ۽ 3 ورهين جي اسد کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي بچائي ورتو، ٻنهي زخمي ٻارن کي فوري طور ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو، جتي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ سندن حالت نازڪ هجڻ سبب وڌيڪَ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته علائقي واسين انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته برساتي پاڻي سان ٺهندڙ خطرناڪ کڏن کي فوري طور ڀرايو وڃي ۽ اهڙن هنڌن تي حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن، جيئن مستقبل ۾ اهڙن المناڪ حادثن کان بچي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار بر
0 تبصرے