English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
89 views
|
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ سرڪاري ڀاڙن تي عملدرآمد ڪرائڻ بابت غور
نوشهروفيروز (ڊ ر) ضلعي ۾ عوام کي مناسب سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سرڪاري ڀاڙن تي سختي سان عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) نوشهروفيروز محمد مستقيم قريشي جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي ٽرانسپورٽ اٿارٽي سيڪريٽري ضمير حسين بروهي، ٽريفڪ پوليس، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ضلعي جي سڀني روٽس تي هلندڙ ٽرانسپورٽرن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد مستقيم قريشي ٽرانسپورٽرن کي واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل ڀاڙن جي فهرست تي هر وقت عمل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به حالت ۾ عوام کان وڌيڪ ڀاڙو نه ورتو ويندو. سڀني بس مالڪن ۽ ڊرائيورن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي مسافر گاڏين ۽ بس اسٽينڊ تي نمايان هنڌن تي سرڪاري ڀاڙن جي فهرست لڳائين ته جيئن مسافر صحيح معلومات حاصل ڪري سگهن. ٽرئفڪ پوليس ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته روٽس جي باقاعده تلاشي وٺن ۽ وڌيڪ ڀاڙا يا اوور لوڊنگ ۾ ملوث گاڏين تي ڳري جرمانا لاڳو ڪن ۽ گڏوگڏ گاڏين کي ضبط ڪن. ٽرانسپورٽرن کي هدايت ڪئي وئي ته گاڏين جي فٽنيس جي حالت برقرار رکن ۽ مسافرن سان سٺو سلوڪ ڪن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته عوام جو استحصال ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اوور چارج ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته روزاني بنيادن تي گاڏين جي فٽنيس، روٽ پرمٽ، سي اين جي سلنڈر ۽ ڀاڙن جي جانچ ڪئي وڃي ۽ رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
0 تبصرے