جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو وڏو اعلان

سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏينداسين: صنعان قريشي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو وڏو اعلان

کپرو: جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي چيوآهي ته سنڌ ڌرتي جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي سبب ڌرتي ڌڻي سمورين سهولتن کان محروم آهن سنڌ م ڌارين کي آباد ڪري انهن کي زمينو ڏئي اصلوڪن رهواسين کي اقليت م تبديل ڪيو پيو وڃي ڌرتي ڌڻي صحت تعليم پاڻي روڊن رستن کان محروم آهن چونڊيل نمائندن ڌرتي ڌڻين کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آھي اهڙن خيالن جو اظهار جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شھيد سورهيه بادشاه چوئڪ تي ريلي ۾ شامل ماڻھن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ م لاقانونيت جو راڄ آھي ماڻھون گهرن م به محفوظ ناهن اغوا قتل جو وارداتون معمول بڻيل آهن سنڌ جي ماڻهن کي منشيات جو عادي بڻايو پيو وڃي صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڌارين کي آباد ڪرڻ لا۽ بحريا جهڙا ميگا پروجيڪٽ ٺاهي اتي ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي جيڪي اسان جي وسيلن جي ونڊ ورڇ ۾ ڀاڱيڀائيوار ڪيا ويا آھن اسان جي ٻهراڙي م نه روڊ آھن نه اسڪول آھن نه وري پاڻي جي سهولت آھي هن چيو ته هنڌو برادري به هن ڌرتي جي اصلوڪي رهواسي آھي سنڌ جي اغوا ٿيل پريا ڪماري سميت سمورن اغوا ٿيل مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ڌرتي ڌڻين کي تحفظ ڏنو وڃي هن چيو ته جتي سنڌ م اڳ بنيادي سهولتن جي کوٽ آھي سنڌ حڪومت اسپتالون روڊ ۽ پاڻي ۽تحفظڏيئڻ جون سهولتون ڏئڻ بجائي سهولتن جي نالن سان سموريون بجيٽون هڙپ ڪري سموري سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آھي چونڊيل نمائندا به ڪرپشن ۾ هڪ جيترا حصيوار بڻجي سنڌ کي لٽيندا رهن ٿا صنعان خان قريشي کپرو هٿونگو ميرپورخاص بائي پاس روڊ کان پيادل ريلي ڪڍي شهيد سورهيه بادشاه چوئڪ کپرو تي پهتو ريلي دوارن سندس آجيان لا۽ وک وک تي گلن جي ورکا ڪئي وئي .