پارس بتول لاشاري پنھنجي مڙس حسين رضا لاشاري سان گڏ عدالت پھتي
نوشهرو فيروز (ڊر)نوابشاهه جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن تي عدالت لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪندي پوليس کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خبر موجب دوڙ ڀرسان ڳوٺ خان جلباڻي جي رهواسڻ مسمات پارس بتول لاشاري پنهنجي مڙس حسين رضا لاشاري سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس وارث سندس مرضي خلاف ڏهه سال ننڍي ڇوڪري سان زبردستي شادي ڪرائڻ پيا چاهين، جيڪا شادي کيس قبول نه هئي. هن ٻڌايو ته ان بعد هن 18 فيبروري 2026ع تي پنهنجي رضا خوشي سان شريعت محمدي موجب دوڙ جي رهواسي حسين رضا لاشاري سان نوابشاهه جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو. پارس بتول جو چوڻ هو ته پرڻي بعد سندس مائٽ محبت لاشاري، صديق لاشاري، علي حسن، ضمير لاشاري، ظهير لاشاري ۽ ٻيا سندن جان جا ويري بڻجي ويا آهن، جنهن سبب هو گذريل پنجن مهينن کان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.هن ٻڌايو ته هنن نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ فوجداري ضابطه ڪار جي قلم 22A6 iii تحت تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن تي عدالت ڌرين کي طلب ڪندي پوليس کي پيش ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي. جوڙي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوابشاهه ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي اپيل ڪئي آهي ته سندن جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن هو بنا خوف جي پنهنجي ازدواجي زندگي گذاري سگهن.
0 تبصرے