English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: اي ڊي سي ون عمران الحق جي صدارت ھيٺ اجلاس
112 views
|
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم جي موقعي تي امن امان، سيڪيورٽي ۽ عزادارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، پوليس، رينجرز، صحت کاتي، حيسڪو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ريسڪيو 1122، ايمبولينس سروسز، ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽين، پي پي ايڇ آءِ سميت مختلف لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سميت شيعه ۽ سني عالمن ۽ مجلسن ۽ جلوسن جي منتظمن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران حضرت امام حسينؑ جي چهلم جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ مجلسن ۽ نڪرندڙ جلوسن جي پرامن انعقاد، فول پروف سيڪيورٽي، ٽريفڪ جي رواني، صفائي سٿرائي، بجلي ۽ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي، اسٽريٽ لائيٽ، طبي امداد، ايمبولينس سروسز، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن ۽ لاڳاپيل ادارن جي پاڻ ۾ رابطن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو حضرت امام حسينؑ جي چهلم جي موقعي تي پنهنجون ذميواريون مڪمل ذميواري، گڏيل سهڪار ۽ مؤثر هم آهنگي سان سرانجام ڏيڻ ته جيئن عزادارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ سڀئي مذهبي اجتماع ۽ جلوس پرامن، محفوظ ۽ منظم انداز ۾ پڄاڻي تي پهچن. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جلوسن جي مقرر رستن تي صفائي، روشني، پاڻي جي فراهمي، طبي سهولتن ۽ ٽريفڪ جي مؤثر نگراني کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارا حساس هنڌن تي خاص ڌيان ڏين ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي مؤثر نموني سان منهن ڏئي سگهجي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سمورن مڪتبِ فڪر جي عالمن کي اپيل ڪئي ته هو اتحاد، اتفاق، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن ضلعي ٺٽي ۾ امن امان جي فضا برقرار رهي ۽ حضرت امام حسينؑ جو چهلم نهايت عقيدت، احترام ۽ پرامن ماحول ۾ ملهايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو: اي ڊي سي ون عمران الحق جي
0 تبصرے