محمود کهڙو ، غلام حسين چانگ، محمد علي شر. عبدالجبار چانگ.حنيف رضا لنڊ ۽ ٻين احتجاج ڪيو
ھڱورجا (رپورٽر)پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ٻٻرلو ڌرڻي دوران خيرپور ضلعي جي مختلف صحافين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ سميت صحافين سان مسلسل ٿيندڙ ناانصافين خلاف ۽ صحافين جي ٿيل چورين ڦرن جي واقعن ۾ جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ ۽ صحافين جون ٿيل چوريون واپس نه ٿيڻ خلاف صحافي اتحاد خيرپور پاران سيٺارجا ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، صحافين مٿان داخل ڪوڙن ڪيسن ۽ صحافين جون ٿيل چوريون واپس نه ٿيڻ خلاف 6 آگسٽ تي سيٺارجا ٿاڻي آڏو جڏهن تہ 18 آگسٽ تي ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان، صحافي اتحاد جي اڳواڻن جمال محمود کهڙو ، غلام حسين چانگ، خير محمد آمر، حسين بخش ڪٻر.شمن راڄپر.محمد علي شر.ياسين راڄپر.عبدالجبار چانگ.حنيف رضا لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي مختلف صحافين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف پريس ڪلب سيٺارجا کان شاھي بازار تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ مختلف شهرن کان آيل صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو تہ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ٻٻرلو ڌرڻي دوران ڪوريج ڪرڻ تان صحافين مٿان ڪيس داخل ڪري سندن کي انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻايو ويو جنهن عمل جي سخت مذمت ڪجي ٿي هنن چيو تہ سيٺارجا جي صحافي شوڪت سولنگي جو ٿيل 17 لک روپين جو ڏوھ سيٺارجا پوليس رڪور ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي جڏهن تہ ڪيترن ئي صحافين جون ٿيل چوريون ڦريون پوليس واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي جنهن لاءِ 6 آگسٽ تي سيٺارجا ٿاڻي آڏو ۽ 18 آگسٽ تي ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو هڪ وڏو تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو هنن چيو تہ جيسيتائين صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل نه ڪيا ويندا ۽ صحافين خلاف داخل ڪوڙا ڪيس خارج نه ڪيا ويندا تيستائين احتجاجي تحريڪ ۽ ڌرڻو جاري رهندو.
0 تبصرے