ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ سي ايس آر فنڊن بابت اهم اجلاس

مقامي ترقي، عوامي ڀلائي ۽ روزگار جي فراهمي يقيني بڻائڻ جون هدايتون

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ سي ايس آر فنڊن بابت اهم اجلاس

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ ضلعي ۾ قائم ونڊ، سولر ۽ ٻين ڪمپنين جي نمائندن جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ مالي سال 2025–26 دوران ڪمپنين پاران ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) فنڊن تحت صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي، رستن، بنيادي سهولتن، عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ بابت ڪيل اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ سمورين ڪمپنين جي نمائندن پنهنجي پنهنجي ڪمپنين پاران جاري ۽ تجويز ڪيل فلاحي منصوبن، سي ايس آر فنڊن جي استعمال ۽ مقامي ماڻهن کي فراهم ڪيل روزگار بابت بريفنگ ڏني.ان موقعي تي ڪمپني نمائندن پوليس سيڪيورٽي جي فراهمي، چوري جي روڪٿام، امن امان ۽ ٻين درپيش مسئلن بابت پڻ ضلعي انتظاميه کي آگاهه ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت هدايت ڪئي ته سڀئي ڪمپنيون ضلعي انتظاميه جي مڪمل سهڪار ۽ حڪومتي ايس او پيز موجب مقامي علائقن جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي مؤثر نموني عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن چيو ته مقامي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي، جيئن مقامي آبادي ۾ محروميءَ جو احساس پيدا نه ٿئي. هن واضح ڪيو ته جيڪي ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم نه ڪنديون يا پنهنجي سماجي ذميوارين کي نظرانداز ڪنديون، انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪمپني کي ڪنهن به نوعيت جو مسئلو درپيش هجي ته ضلعي انتظاميه هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي، جڏهن ته سڀئي ڪمپنيون ضلعي انتظاميا سان مڪمل رابطو ۽ هم آهنگي برقرار رکن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته زيبسٽ سميت ٻين تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ مستحق شاگردن جي خاندانن جي فيسن ۽ تعليمي ضرورتن ۾ سي ايس آر فنڊن ذريعي سهڪار ڪيو وڃي، ته جيئن نوجوان فني تعليم حاصل ڪري نجي شعبي ۾ انجنيئرن ۽ ٻين پيشنوراڻن شعبن ۾ بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. ڊپٽي ڪمشنر ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو مقامي برادرين سان مستقل رابطو برقرار رکن، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، رستن جي تعمير ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ڪمپنين جا باقاعده دورا ڪن ۽ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻائين، جڏهن ته حڪومت پاران مقرر ڪيل پگهارن ۽ مزدورن جي حقن تي هر صورت ۾ مڪمل عملدرآمد پڻ يقيني بڻايو وڃي.