ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد

ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال بابت غور ويچار

ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار هال ۾ ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ضلعي اندر امن امان جي صورتحال، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي هدايتن تي عملدرآمد، مختلف ادارن وچ ۾ هم آهنگي، منشيات جي خاتمي، سائبر ڪرائيم جي روڪٿام، ٽريفڪ انتظامن ۽ عوامي سهولتن سميت مختلف انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ سهائي عزيز ٽالپر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين، اسسٽنٽ ڪمشنر رجب علي سٺيو، سنجي ڪمار ترڪيو، محمد خان، غلام علي طارق، ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي اي ٽي او سرفراز جلباڻي، زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز ڪاڇيلو، سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نور محمد شيخ، لوڪل گورنمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هريش چندر، حيسڪو جي ايس ڊي او، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسدالله ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ عمرڪوٽ محمد شاهد راجپوت، چيف ضلع ڪائونسل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، ضلعي اطلاعات آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري عرفان رند، ايف آءِ اي، نيشنل سائبر ڪرائيم ايجنسي، ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او شريف ناريجو، ضلعي ڪائونسل، اسپورٽس، فوڊ کاتي، ٽائون ڪميٽي سامارو، انٽيليجنس ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سمورا لاڳاپيل کاتا پاڻ ۾ بهتر رابطي ۽ اثرائتي هم آهنگي ذريعي سرڪاري پاليسين تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائين، هن هدايت ڪئي ته عوام کي درپيش مسئلن جي ترت حل، امن امان جي قيام، منشيات جي خاتمي، غيرقانوني سرگرمين خلاف ڪارروائي ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، اجلاس ۾ گذريل ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن پنهنجن پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگي، جاري قدمن ۽ پيش ايندڙ مسئلن بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته سمورا التوا هيٺ معاملا مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ ايندڙ اجلاس کان اڳ پيش رفت بابت رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. هن چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان بابت رپورٽ پڻ پيش ڪئي وڃي، اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، حساس هنڌن جي نگراني کي مؤثر بڻائڻ، عوامي شڪايتن جي بروقت ازالي، سرڪاري وسيلن جي بهتر استعمال ۽ مختلف کاتن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ سڀني آفيسرن تي زور ڏنو ته هو پنهنجون ذميواريون ايمانداري، پيشه ورانه صلاحيت ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان نڀائين ته جيئن ضلعي ۾ بهتر حڪمراني، امن امان ۽ ترقياتي عمل کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي.