سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاهه حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان

سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاهه حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي مرڪزي ڪابينا ۽ ڪراچي چيپٽر جو گڏيل اجلاس مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاهه جي صدارت هيٺ مراد جعفر ڳوٺ، ڪراچي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ تنظيم جي مرڪزي ۽ ڪراچي چيپٽر جي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرائيءَ ۾ ملير جي ايجوڪيشن سٽي منصوبي، شاهه حسن ٻيٽ جي صورتحال، مقامي آبادين جي حقن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا ڪرپشن سميت مختلف معاملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. پڌرائي موجب ايجوڪيشن سٽي منصوبي جي نالي تي ملير ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار کان 20 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي جي ڪوششن سبب 98 ڳوٺن جي رهواسين کي سندن اباڻين زمينن تان بي دخل ڪرڻ جو خدشو آهي، جنهن کي مقامي آبادين جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حقن خلاف قرار ڏنو ويو. اهڙيءَ ريت شاهه حسن ٻيٽ تي ترقياتي منصوبن جي آڙ ۾ زمينن تي قبضي، مهاڻن جي روزگار کي درپيش خطرن ۽ تمر جي قدرتي ٻيلن جي واڍي تي به سخت تحفظات جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ شفاف ڀرتين لاءِ سنڌ جي شاگردن پاران هلندڙ جمهوري جدوجهد جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو ويو ته نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي روزگار جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري آهي. اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته ملير، شاهه حسن ٻيٽ ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ جلد پرامن احتجاجي تحريڪ ۽ جامع عوامي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. پڌرائي موجب تنظيم جي قانوني ٽيم ايجوڪيشن سٽي منصوبي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست پڻ داخل ڪري ڇڏي آهي.وڌيڪ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي مرحوم سينيئر ساٿي حمزه پنهور جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 22 آگسٽ 2026ع تي شام 4 وڳي رزاق آباد، ملير ۾ تعزيتي ۽ يادگاري تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل شخصيتون شرڪت ڪنديون.