سياحت جي فروغ ۽ عوامي رابطن سان معيشت مستحڪم ٿيندي: سيد امتياز الحق بخاري
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بي جي سي گروپ جي چيف ايگزيڪٽو سيد امتياز الحق بخاري جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد مليشين ڪونسليٽ ڪراچي ۾ ڪونسل جنرل مسٽر هرمن هارڊي ناتا احمد سان اهم الوداعي ملاقات ڪئي. وفد ۾ بي جي سي گروپ جو ڊائريڪٽر سيد معاذ الحق بخاري، جانشينِ قادر مسجد ۽ مدرسو تعليم القرآن صاحبزادو مولانا حافظ عبدالمجيد، مفسرِ قرآن محمد عمران ۽ سعيد الله شامل هئا.ملاقات دوران پاڪستان ۽ مليشيا وچ ۾ ٻطرفن تعلقاتن، خاص طور تي سياحت جي فروغ، تجارتي و معاشي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.بي جي سي گروپ جي چيف ايگزيڪٽو سيد امتياز الحق بخاري گفتگو ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياحت جو فروغ معاشي استحڪام، امن و امان ۽ بين الاقوامي سطح تي خوشگوار تعلقات جي بنياد آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جيڪڏهن سياحتي شعبي تي خصوصي توجهه ڏني وڃي ته ان سان نه صرف قومي معيشت مضبوط ٿيندي پر خطي ۾ خوشحالي ۽ امن و امان جي فضا پڻ قائم ٿيندي.ان موقعي تي صاحبزادي مولانا حافظ عبدالمجيد پڻ ڪونسل جنرل جي پاڪستان ۾ سفارتي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته مسٽر هرمن هارڊي ناتا احمد پنهنجي ذميواريءَ جي دؤر ۾ ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ دوستي، خيرسگالي، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ٻاهيمي تعاون جي فروغ ۾ قابلِ قدر ڪردار ادا ڪيو آهي.وڌيڪ بي جي سي گروپ جي ڊائريڪٽر سيد معاذ الحق بخاري اظهارِ خيال ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ مليشيا وچ ۾ سياحت ۽ تجارت جي شعبن ۾ تعاون جا بي شمار موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي و ثقافتي مٽاسٽا وقت جي اهم ضرورت آهي.مليشيا جي ڪونسل جنرل مسٽر هرمن هارڊي ناتا احمد، سيد امتياز الحق بخاري ۽ سندس وفد جي خيالن ۽ جذبن کي ساراهيو ۽ سياحت و معيشت جي شعبن ۾ ٻاهيمي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي سيد امتياز الحق بخاري وفد سان گڏ ڪونسل جنرل کي سندس ڪامياب خدمتن جي اعتراف ۾ يادگاري شيلڊ ۽ سُووينئر پيش ڪيو ۽ سندس ايندڙ ذميوارين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے