English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
119 views
|
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
دلمراد ڏاهاڻي، عرض بنگلاڻي، مير حسيب خان مگسي ۽ محبوب ڏاهاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
شڪارپور (احسان ابڙو) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي مرڪزي سڏ تي شڪارپور ۾ ڌارين ۽ افغاني پناهگيرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جي لاءِ شڪارپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،احتجاج جي اڳواڻي ڊويزن صدر دلمراد ڏاهاڻي، عرض بنگلاڻي، مير حسيب خان مگسي ۽ محبوب ڏاهاڻي ڪئي،مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايس ٽي پي هميشه قانون جي دائري ۾ رھي پر امن طريقي سان سنڌ جي بقا جي ڳالھ ڪئي آ اسان ھاڻي به حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ افغاني شهري غيرقانوني طور رهائش پذير آهن، تنهن ڪري حڪومت کين قانون موجب سنڌ مان نيڪالي ڏئي، اڳواڻن وڌيڪ الزام هنيو ته ڪجهه افغاني شهري بدامني، منشيات فروشي، اغوا خوري ۽ ٻين سماجي برائين ۾ ملوث آهن،تنهن ڪري حڪومت غيرقانوني پرڏيهي شهرين خلاف مؤثر ڪارروائي ڪري،احتجاج دوران ايس ٽي پي ڪارڪنن نعريبازي ڪندي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته غيرقانوني طور رهندڙ ڌارين جي سڃاڻپ ڪري قانون موجب کين واپس موڪليو وڃي،احتجاجي مظاھري ۾ خالد مگسي،علي مراد راھوجو،اقبال شاھ،سرمد جاگيراڻي ممتاز ٻرڙو سميت ايس ٽي پي ڪارڪنن شرڪت ڪري گو افغاني گو جا نعره لڳايا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌ
0 تبصرے