ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر طفيل جوکيو کي علائقي جي معززن جي مبارڪباد

ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر طفيل جوکيو کي علائقي جي معززن جي مبارڪباد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڪراچي جي سينيئر سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن ڪراچي يونيورسٽي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور ڊاڪٽر طفيل احمد جوکيو جي مقرري تي خوشي جو اظهار ڪندي کيس دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر طفيل احمد جوکيو جي رهائشگاهه تي هڪ ملاقات جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ملير جون مشهور سماجي شخصيتون سليم جي ميمڻ، امير بخش خاصخيلي، علي اڪبر ميمڻ ۽ عاطف امير شريڪ ٿيا. مهمانن ڊاڪٽر طفيل احمد جوکيو کي اجرڪ اوڍائي، گلن جا هار پيش ڪري نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر طفيل احمد جوکيو هڪ باصلاحيت، بااخلاق ۽ تعليم دوست شخصيت آهن، جن ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي ڏورانهن ۽ پسمانده علائقن ۾ اعليٰ تعليم جي واڌاري لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر جوکيو جي قيادت ۾ هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جا بهتر موقعا مليا آهن، جيڪو ڪراچي جي مقامي ماڻهن لاءِ فخر جو باعث آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر طفيل احمد جوکيو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي پليٽ فارم تان ڪراچي جي ٻهراڙي وارن، پسمانده ۽ ڏورانهن علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ جامعہ ڪراچي تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته سندس خواهش آهي ته غريب ۽ باصلاحيت نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجي علائقن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪن. ڊاڪٽر طفيل احمد جوکيو وڌيڪ چيو ته ڪراچي رورل ايريا جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ آهن، ضرورت صرف کين مناسب موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مقامي آبادي جي سهڪار سان اهڙا عملي قدم کنيا ويندا، جن ذريعي هر نينگر ۽ نينگري کي تعليم جي بنيادي حق تائين رسائي حاصل ٿي سگهي. مقامي شخصيتن اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر طفيل احمد جوکيو جي قيادت ۾ ڪراچي يونيورسٽي نه رڳو تعليمي ميدان ۾ نوان مثال قائم ڪندي، پر ٻهراڙي ۽ پسمانده علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ به ترقي ۽ اعليٰ تعليم جا نوان در کوليندي.