ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ پير حفيظ الله جان طرفان عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو

پير حفيظ الله جان پاران نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد، ملير جي بنيادي مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار

ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ پير حفيظ الله جان طرفان عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ پير حفيظ الله جان طرفان سرهندي عوامي پريس ڪلب ملير پهچي پريس ڪلب ۽ مومن مليرائي لائبريري جو دورو ڪيو ۽ نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد پيش ڪئي هن عوامي پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو ته صحافي صحافت جي اعليٰ اصولن تي قائم رهندي ملير جي عوام جي مسئلن کي بيباڪي سان اجاگر ڪندا ۽ مظلومن جو آواز بڻجندا پير حفيظ الله جان سرهندي چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان حڪومتون اچڻ، ملير ضلعي موجوده ٽن ٽائون جي هنن چئن سالن ۾ پيش ڪيل 48 اربن جي بجٽ پيش ڪرڻ باوجود ملير جا رهواسي اڃا تائين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ڪيترن ئي علائقن ۾ معياري تعليم، صحت، صاف پيئڻ جو پاڻي، روزگار ۽ ترقياتي منصوبن جي کوٽ سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي هن خاص طور تي گڏاپ، موئيدان ۽ ٻين ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صاف پاڻي جي شديد کوٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته آلودہ پاڻي سبب ماڻهو جگر، گردن ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا نه هجڻ سبب هو نااميدي ۽ غلط رستن ڏانهن ڌڪجي رهيا آهن، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو معاملو آهي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ملير ۾ نور حسن جوکيو، حميد بلوچ ۽ سليم جوکيو جهڙا قابل، ايماندار ۽ تعليم يافته مقامي آفيسر موجود آهن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙن ماڻهن کي سندن صلاحيتن موجب ذميواريون ۽ موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن. هن چيو ته مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ سان عوام ۾ بيچيني ۽ مايوسي وڌي رهي آهي هن مطالبو ڪيو ته ملير مان چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر، گڏوگڏ ٽنهي ٽائونن جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ملير جي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻن. هن زور ڀريندي چيو ته نور حسن جوکيو کي فوري طور جوائننگ ڏني وڃي ۽ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ اثرائتي پاليسيون اختيار ڪيون وڃن پير حفيظ الله جان سرهندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملير جي عوام کي صاف پيئڻ جو پاڻي، معياري تعليم، صحت ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي ۽ قابل مقامي آفيسرن کي سندن صلاحيتن مطابق ترقي جا برابر موقعا ڏنا وڃن، جيئن ملير جي نوجوانن جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهجي ڏوري ۾ سماجي اڳواڻ نويد جوکيو به ساڻس گڏ هو